تڪراري ڪئنال سنڌ جي بقا لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن:زين شاهه

ڊگھڙي (رپورٽ: فقير عبدالقيوم جروار) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته سنڌ جا اهم ترين مسئلا پاڻي جي کوٽ، منشيات جي سرعام وڪري ۽ تڪراري ڪئنالن  جي اڏاوت سان جڙيل آهن، جيڪي سنڌ جي بقا ۽ ترقي لاءِ وڏو خطرو بڻجي رهيا آهن، ڳوٺ راڻو رمداڻ ۾ شمس الدين رمداڻ جي اوطاق تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب آبادگارن ۽ هارين کي سخت ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، سنڌ ۾ امن امان توڙي پاڻي جي کوٽ بابت صورتحال خراب آهي، تقريب ۾ امير آزاد پنهور ، امير علي ٿيٻو، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ انور نوحاڻي ٽيل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر يوسف راجپوت، مير اعجاز ٽالپر ۽ ٻين  خطاب ڪندي سنڌ جي بنيادي مسئلن تي تفصيل سان روشني وڌي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.