جنيوا(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف کي جنيوا جي اسپتال مان 7 ڏينهن علاج هيٺ رهڻ کان پوءِ ڊسچارج ڪيو ويو آهي. شريف ڪٽنب جي ذريعن موجب، نواز شريف اسپتال ۾ دل سان لاڳاپيل هڪ پروسيجر لاءِ داخل ٿيو هو ۽ هاڻي هو هر لحاظ کان تندرست آهي. ذريعن مطابق، نواز شريف هن وقت جنيوا جي هڪ هوٽل ۾ پنهنجي پٽ حسن نواز ۽ ڊاڪٽر عدنان سان گڏ موجود آهن۔ نواز شريف جو علاج هو ئي سرجن ڪيو، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان انهن جو علاج ڪندو رهيو آهي۔