نيو يارڪ/اسلام آباد (م ڊ) گڏيل قومن جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صحافي مهدي حسن پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجا آصف جو هڪ تفصيلي انٽرويو ڪيو، جنهن ۾ ملڪي سياست، فوجي ۽ سياسي لاڳاپن، عمران خان جي گرفتاري ۽ سعودي عرب سان ٿيل دفاعي معاهدي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مهدي حسن چيو ته تازو سال پاڪستان لاءِ نه رڳو اندورني سياسي بحران سخت رهيا، پر هندستان سان ڇڪتاڻ، سعودي عرب سان تاريخي دفاعي معاهدو ۽ آمريڪا سان لاڳاپا به اهم موضوع رهيا. هن جو چوڻ هو ته انهن سڀني واقعن جي پسمنظر ۾ عمران خان جي گرفتاري ۽ مٿس لڳايل الزام سڄي دنيا ۾ هيڊ لائين بڻيل آهن. مهدي حسن ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ جي ان موقف بابت سوال ڪيو، جنهن ۾ عمران خان جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. خواجا آصف ان ڳالهه کي رد ڪندي چيو ته پاڪستان ڪنهن به عالمي قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي ۽ هي رڳو هڪ راءِ آهي جنهن سان هو متفق ناهن. جڏهن مهدي حسن بار بار پڇيو ته ڇا پاڪستان عالمي قانون کي نظرانداز ڪري رهيو آهي، ته وزير دفاع صاف لفظن ۾ چيو ته هو اهو موقف قبول نٿا ڪن. انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي، انتخابي نشان ۽ ساٿين جي گرفتاري بابت به سوال ٿيا. خواجا آصف چيو ته هو عمران خان کي هاڻي مقبول نٿا سمجهن ۽ گذريل ٻن سالن ۾ سندس مقبوليت گهٽجي وئي آهي. هن چيو ته معيشت جي بحالي ۽ چونڊن جي عمل سبب سياسي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻي منظم آهي. هن الزام کي به رد ڪيو ته حڪومت عمران خان يا سندس پارٽي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي عدليا تائين رسائي حاصل آهي. هن پنهنجي تجربي جو ذڪر ڪندي چيو ته هو پاڻ به 6 مهينا بنا الزام جي جيل ۾ رهيو، ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀئي سياسي پارٽيون هڪ ٻئي خلاف ڪيس ۽ گرفتاريون ڪرائينديون رهيون آهن. هائبرڊ نظام ۽ ڊيپ اسٽيٽ بابت سوال تي خواجه آصف چيو ته فوجي آمرن جي تاريخ سبب اهو تاثر پيدا ٿيو ته فيصلا فوج ڪندي آهي، پر هاڻي فيصلا مشاورت سان ٿين ٿا. سندس چوڻ هو ته دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڊيپ اسٽيٽ جو ڪردار هوندو آهي، رڳو پاڪستان تائين محدود ناهي. سعودي عرب سان دفاعي معاهدي بابت هن وضاحت ڪندي چيو ته هي معاهدو گهڻي وقت کان غور هيٺ هو، قطر تي اسرائيلي حملي جو ردعمل نه آهي. معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي سلامتي کي گڏيل تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، پر ان جا تفصيل عوامي سطح تي ظاهر نه ٿي سگهندا. ايٽمي هٿيارن بابت سوال تي خواجا آصف جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو، پر چيو ته دنيا ۾ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ڪير به ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو آهي. پاڪ-آمريڪا لاڳاپن تي ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اهي هميشه وقتي ضرورتن تي ٻڌل رهيا آهن، جڏهن ته چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ پراڻو اتحادي آهي، جيڪو هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندو رهيو آهي. اسرائيل بابت سوال تي خواجا آصف چيو ته هو ان جي پاليسين تي کلي ڪري تنقيد ڪن ٿا، پر اوڀر پاڙيسري (هندستان) سان لاڳاپن بابت محتاط رهن ٿا ڇو ته اهي سڌي طرح پاڪستان جي سلامتي سان ڳنڍيل آهن. انٽرويو جي آخر ۾ خواجه آصف چيو ته پاڪستان جمهوريت جي هڪ ڏکئي مرحلي مان گذري رهيو آهي، جتي داخلي سياست، عالمي دٻاءُ ۽ علائقائي لاڳاپا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن.