چيٽ جِي پِي ٽِي هي نئون فيچر ان کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيندو

اوپن اي آءِ پلس (Pulse) نالي نئون فيچر چيٽ جي پي ٽي جو حصو بڻايو آهي.
مصنوعي ڏاهپ (اي آءِ) چيٽ بوٽ جو هي نئون فيچر توهان جي چيٽس، هسٽري ۽ ڪيلينڊر کي ڌيان ۾ رکندو.
هاڻي چيٽ جي پي ٽي معمولي نموني ردعمل ظاهر ڪرڻ جي بدران توهان جي تازين چيٽن، فيڊ بيڪ ۽ لاڳاپيل ايپس جهڙوڪ ڪيلينڊر موجب تفصيل فراهم ڪندو.
پلس فيچر تحت مختلف تصويري ڪارڊز فراهم ڪيا ويندا جن کي اوهان اسڪين ڪري سگهندئو يا وڌيڪ تفصيل لاءِ اوپن ڪري سگهندئو.
ڪمپني جي موجب، اِهو فيچر في الحال چيٽ جي پي ٽي پرو جي واهپيدارن کي موبائل ايپ ۾ دستياب هوندو.
پر ويجهي مستقبل ۾ ان کي وڏي پئماني تي متعارف ڪرايو ويندو.
ڪمپني موجب، ان جو مقصد هن فيچر کي هوريان هوريان طور هر ڪنهن لاءِ متعارف ڪرائڻ آهي.
هر واهپيدار کي هڪ پلس روزانو موصول ٿيندو جنهن لاءِ چيٽ جي پي ٽي توهان جي چيٽس، هسٽري ۽ فيڊ بيڪ مان ڊيٽا گڏ ڪندو ۽ صبح فراهم ڪندو.
پلس جي طرفان چيٽ جي پي ٽي جي ڪنيڪشنز فيچر کي به استعمال ڪيو ويندو ته جيئن اهو گوگل ڊرائيو، جي ميل ۽ گوگل ڪيلينڊر سان ڪنيڪٽ ٿي سگهي.
اوپن اي آءِ موجب، پلس ۾ ڏيکاريل سڀني موضوعن لاءِ ڪيترن ئي حفاظتي ٽولز کي استعمال ڪيو ويندو ته جيئن ڪنهن به قسم جو نقصانڪار مواد نظر نه اچي.
هي فيچر چيٽ جي پي ٽي کي هڪ چيٽ بوٽ مان سرگرم اسسٽنٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي شروعات آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته هيءَ ته رڳو شروعات آهي، اڄ پلس سان اي ميل ۽ ڪيلينڊر کي ڪنيڪٽ ڪيو ويندو جڏهن ته مستقبل ۾ هر نئين ڊيٽا اسٽريم کي چيٽ جي پي ٽي سان ڳنڍيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.