بلاول جڏهن به وزيراعظم جي واکاڻ ڪري ٿو پنجاب حڪومت کي اعتراض ٿئي ٿو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڪنهن به صوبي جي حڪومت سان نه پر وفاق سان ٻوڏ متاثرن لاءِ عالمي امداد بابت ڳالهه ڪئي، بلاول جڏهن به وزيراعظم جي واکاڻ ڪري ٿو ته پنجاب حڪومت کي اعتراض ٿئي ٿو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنيئير صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته موجوده صورتحال ۾ هارين کي سهولت ڏيڻ لازمي آهي، ڪڻڪ ڪاهيندڙن جي سپورٽ پيا ڪريون.
هن چيو ته وفاق کي اپيل ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهايو، بلاول ڀٽو ڪنهن صوبي سان نه پر وفاق سان ڳالهه ڪئي، بلاول ڀٽو وفاق کي چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ پرڏيهي امداد جي اپيل ڪئي وڃي.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هارين جي پئڪيج تي 55 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪندي، هارين جي پئڪيج مان چار لک چار هزار 480 هاري لاڀ حاصل ڪندا ، بلاول ڀٽو جي پاليسي سان هاري، پورهت ۽ غريب طبقي کي فائدو ٿيندو.
هن چيو ته بلاول ڀٽو جي پاليسي جو مقصد هارين کي مضبوط بڻائڻ آهي، ملڪ ۾ عوام جي ڊيٽا رڳو پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ تيار ڪئي وئي، موجوده صورتحال ۾ لازمي آهي ته هارين کي سهولت ڏيون.
شرجيل ميمڻ چيو ته فوڊ سيڪيورٽي لاءِ هارين کي سهولت ڏيڻ ضروري آهي، ڪالهه چيئرمين بلاول ڀٽو انقلابي پاليسي جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ هارين لاءِ رليف جو اعلان هو، اِهو رليف رڳو آبادگارن لاءِ نه پر پوري پاڪستان لاءِ آهي.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ٻوڏ تي سياست نه پئي ڪري، اسان هن ڏکئي وقت ۾ پنجاب جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون، 22 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکڻ لاءِ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته آن لائن شڪايت جو نظام به تيار ڪيو پيو وڃي، 21 لک گهر ٺهي رهيا آهن، اهي گهر دنيا ڏسي سگهي ٿي، ”پنڪ اسڪوٽي“ اسڪيم اڃا به هلي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.