لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف کي جنيوا جي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو .
خانداني ذريعن موجب، نواز شريف ست ڏينهن اسپتال ۾ رهيو جتي سندس دل جي حوالي سان پروسيجر ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جنيوا جي هوٽل ۾ پنهنجي پٽ حسن نواز ۽ ڊاڪٽر عدنان سان گڏ موجود آهي ۽ هو هر لحاظ سان تندرست آهي.
ذريعن موجب، نواز شريف جو علاج ساڳئي سرجن ڪيو، جيڪو ڪيترن سالن کان سندن علاج ڪندو رهيو آهي.
You might also like