منڊي بهاءُالدين ۾ عورتن جو ليڊي هيلٿ ورڪر تي تشدد

لاهور (بيورو) پنجاب جي ضلعي منڊي بهاءُالدين ۾ ڪينسر کان بچاءَ لاءِ ايچ پي وي ويڪسين مهم دوران هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر کي علائقي جي عورتن تشدد جو نشانو بڻايو. ايس ايچ او صابر حسين سندهو موجب، هي واقعو ڳوٺ چڪ نمبر 38 ۾ پيش آيو، جتي هيلٿ ورڪر غلام صغريٰ اسڪول ۾ ويڪسين ڏئي رهي هئي ته علائقي جي عورتن کيس ماريو، زمين تي اڇلايو ۽ تشدد ڪيو. پوليس مطابق متاثر ورڪر جي شڪايت تي ڪُٺيالا شيخا پوليس اسٽيشن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پر اڃا تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.