نيو يارڪ (م ڊ)فلسطيني صدر محمود عباس حماس ۽ ٻين هٿياربندن تنظيمن کان فلسطيني اختيارين آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.فلسطين جي صدر محمود عباس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جيڪو ڪري رهيو آهي اهو رڳو جارحيت نه پر جنگي ڏوهه ۽ انسانيت خلاف ڏوهه آهي. محمود عباس اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي گريٽر اسرائيل واري سڏ کي رد ڪندي مذمت ڪئي. هن چيو ته فلسطيني عوام غزا ۾ گذريل ٻن سالن کان نسل ڪشي، تباهي، بک ۽ جبري بدخليءَ جو شڪار آهي، جتي اسرائيلي فوج 2 لک 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ۽ زخمي ڪري چڪي آهي، جن ۾ اڪثر ننڍا ٻار، عورتون ۽ بزرگ شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا هي عمل دستاويزي طور تي رڪارڊ ٿي رهيا آهن ۽ اهي تاريخ ۽ عالمي ضمير ۾ 20هين ۽ 21هين صديءَ جي سڀ کان وڏن انساني المين ۾ شمار ٿيندا.