گم ٿيل ماڻهن بابت پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي:سرفراز بگٽي

اسلام آباد(بيورو)وزيراعليٰ بلوچستان سر فراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگردن کي افغانستان ۾ حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي، افغان حڪومت کي دوحه معاهدي کي ياد رکڻ کپي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسان جي سرزمين ٻين ملڪن خلاف استعمال نه ٿيندي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سر فراز بگٽي چيو ته دالبندين ۾  فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا هن چيو ته دهشتگرد بلوچن جي نالي تي رياست کي عدم استحڪام ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته لاپته  ماڻهن بابت پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. اسان رياست جي اندر رياست بڻجڻ نه ڏينداسين. بلوچستان ۾ جيڪي به دهشتگرد تنظيمون آهن، انهن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڀارتي خفيه ادارا (را) بنياد تي هي جنگ پاڪستان تي مسلط ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.