وزيراعظم شهبازشريف صدر ٽرمپ سان ملاقات لاءِ واشنگٽن پهچي ويو

واشنگٽن(م ڊ)وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات لاءِ واشنگٽن ڊي سي پهچي ويو آهي،وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ اينڊريوز ايئربيس پهتو، جتي ريڊ ڪارپيٽ تي آمريڪي ايئرفورس جي اعليٰ عهديدارن سندس استقبال ڪيو۔ وزيراعظم جو موٽرڪيڊ سخت سيڪيورٽي جي حصار ۾ ائير بيس کان روانو ٿيو۔وزيراعظم ٿوري دير ۾ وائٽ هائوس پهچڻ وارو آهي،، جتي هن جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات طئي آهي۔ فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير به وزيراعظم سان گڏ هوندووائٽ هائوس موجب، اوول آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران مئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ، مسئلو ڪشمير ۽ عالمي ۽ علائقائي حالتن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيڻ جي اميد آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.