ڪراچي ۽ ڍاڪا وچ ۾ فيري سروس شروع ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بنگلاديش جي گھرو سيڪريٽري نسيم الغني ۽ هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان سان ملاقات دوران هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪراچي ۽ ڍاڪا ۾ سڌي پرواز ۽ فيري سروس شروع ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي ته جيئن واپار ۽ عوامي لاڳاپن کي هٿي ملي سگهي. ملاقات ۾ ڪراچي ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ سڌين پروازن جي شروعات جا امڪان به زيرِ بحث آيا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اهڙا لاڳاپا اقتصادي رشتن کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. بنگلاديشي گھرو سيڪريٽري ياد ڏياريو ته هڪ نجي ڪمپني تازو ئي سڌي شپنگ سروس شروع ڪئي هئي پر اها بعد ۾ بند ٿي وئي. هن وڏي وزير کان درخواست ڪئي ته وفاقي سطح تي ان کي ٻيهر شروع ڪرائڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي وڃي. شھري سلامتي جي حوالي سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي، جنهن کي ڪڏهن دنيا جي خطرناڪ ترين شهرن ۾ شمار ڪيو ويندو هو هاڻي عالمي ڪرائم انڊيڪس ۾ 85هين نمبر تي اچي ويو آهي جيڪو نمايان سڌارو آهي. وڏي وزير چيو ته ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۽ امن امان بهتر بڻائڻ لاءِ اسان جي ڪوششن نتيجا ڏنا آهن تنهن هوندي به ڪجهه چيلينج اڃا به موجود آهن جيڪي سيف سٽي منصوبي جي مڪمل فعال ٿيڻ کانپوءِ حل ٿي ويندا. وڏي وزير وفد کي ٻڌايو ته پوليس سربراهه جي آفيس ۾ هڪ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جيڪو مصنوعي ذهانت ذريعي هلندڙ آهي ۽ نمبر پليٽ پڙهڻ سان گڏ مھانڊن کي سڃاڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بنگلاديشي گھرو سيڪريٽري نسيم الغني ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪيو ۽ سنڌ جي تجربي مان فائدو وٺڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. هن چيو ته بنگلاديش پنهنجي سيف سٽي حڪمت عملي لاءِ سنڌ حڪومت سان سهڪار حاصل ڪندو. ملاقات ۾ صوبائي گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي غلام نبي ميمڻ ۽ وڏي وزير جي سيڪريٽري عبد الرحيم شيخ پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.