سکر (رپورٽ: آزاد مهر) سکر ويجهو روهڙي ٿاڻي جي حد دڙو ڳوٺ جي رهواسڻ نوجوان ناري رخسانا ڌيءَ غلام سرور شيخ کي 6 ڄڻن مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو. متاثر ناري روهڙي ٿاڻي تي پهچي فرياد داخل ڪرائي، جنهن بعد پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ناري پنهنجي بيان ۾ چيو ته جوابدار فيضان پٽ عبدالستار ابڙو شادي جو دلاسو ڏئي گهر گهرايو، جتي سندس پنج دوست ڪامران جاگيراڻي، حارث لاشاري، نجف جاگيراڻي ۽ ٻه اڻڄاتل ماڻهو اڳ ۾ ئي موجود هئا. هن الزام هنيو ته جوابدارن ڀاءُ کي زبردستي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ گڏجي زيادتي جو نشانو بڻايو. پوليس موجب متاثر ناري جي فرياد تي چار سڃاتل ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪامران، حارث ۽ فيضان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.