اڀيشيڪ شرما: پلاسٽڪ جي بيٽ کان پريميئم بالرن جي ” مٽي پليد“ ڪرڻ تائين

”مون فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي آهي. مان پنهنجي پيءُ کي چوندو هوس ته منهنجا سڀ ساٿي ڀارت لاءِ کيڏن ٿا، پر مان ائين نه ڪري سگهيس، مان نه ٿو ڄاڻان ته ڇو نه ڪري سگهيس، شايد اِها رب جي مرضي هئي، منهنجي ماءُ چوندي هئي ته پٽ اِهو صحيح آهي، تون نه کيڏئين، پر تنهنجو پٽ ضرور ڀارت لاءِ کيڏندو.“
اِهو چوڻ آهي ته ڀارتي نوجوان اوپننگ بيٽر اڀيشڪ شرما جي والد راج ڪمار شرما جو، جيڪو ماضيءَ کي ساريندي جذباتي ٿي ويو ڇو ته سندس ماءُ جي چيل ڳالهه هاڻي حقيقت جو روپ ڌاري چڪي آهي.
اڀيشيڪ شرما جو ايشيا ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي ۽ اربع جي شام سندس پنج ڇڪن ۽ ڇهن چوڪن جي مدد سان رڳو 37 بالن تي 75 رنسن جي اننگز ڀارت کي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ پاڪستان خلاف ميچ ۾ به اڀيشڪ 39 بالن تي 74 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابيءَ جو بنياد رکيو هو.
اڀيشيڪ شرما جي پيءُ جو چوڻ هو ته ” هي شاندار وقت آهي، منهنجي لاءِ فخر جوڳو لمحو آهي، هر والدين چاهيندا آهن سندن ڌيءَ يا پٽ پنهنجن پيرن تي بيهي ۽ جيڪو به شعبو اختيار ڪري ان ۾ سڦلتائون ماڻي.“
راج ڪمار شرما موجب، ”اڀيشيڪ ڪيئي ئي سال اڳ بيٽ هٿ ۾ کنئي ۽ وڏي محنت ڪئي. اڄ هو نه رڳو ڀارت لاءِ کيڏي رهيو آهي پر ميچون به کٽرائي رهيو آهي، اِهو ڏسي دل خوش ٿئي ٿي.“
راج ڪمار شرما پنهنجي پٽ جي سموري جدوجهد ۾ ساڻس گڏ رهيو آهي ۽ هاڻي سندس پٽ پنهنجي راند سان هن جو ڳاٽُ فخر وچان اوچو ڪري ڇڏيو آهي.
اِها ڪهاڻي اٽڪل 22 ورهيه اڳ پنجاب جي شهر امرتسر کان شروع ٿي، جڏهن ٽن، چئن سالن جي عمر ۾ اڀيشڪ پنهنجي والد جي ڳري بيٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي راج ڪمار شرما ٻڌايو ته ”مان پاڻ ڪرڪيٽ کيڏندو هئس، تنهنڪري منهنجو سامان ۽ ڪرڪيٽ ڪِٽ گهر پيئي هوندي هئي، اڀيشڪ جي عمر لڳ ڀڳ ٽي يا چار سال هئي جڏهن هن منهنجو سامان، منهنجو بيٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، هو اِها نه کڻي سگهيو ڇو ته اها ڏاڍي وزني هئي پوءِ مون کيس پلاسٽڪ جو بيٽ وٺي ڪري ڏني.“
راج ڪمار شرما جو چوڻ هو ته ”هو بيٽ سان زبردست شاٽون کيڏندو هو، جڏهن ته هن اڃا صحيح نموني ڳالهائڻ به نه سکيو هو، پر چوندو هو بال هلايو… هو پنهنجين ڀينرن کي چوندو ته بال هلايو.. اهڙي ريت سندس ڪرڪيٽ جو جنون اڳتي وڌندو ويو.“

اڀيشڪ شرما جي ڪيريئر تي هڪ نظر
پنهنجي مختصر پر متاثر ڪندڙ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ اڀيشڪ هيل تائين 22 ميچن ۾ 783 رنسون ٺاهي چڪو آهي جن ۾ ٻه سينچريون ۽ چار ففٽيون شامل آهن.
هن اهي رنسون 28.37 جي ايوريج ۽ 197.72 جي اسٽرايڪ ريٽ سان ٺاهيون آهن.
هو بالن جي حساب سان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 50 ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.
هن 331 بالن ۾ اِهو ڪارنامو انجام ڏنو هوندو، هن ويسٽ انڊيز جي ايون لوئس جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو جنهن 366 بالن تي هي ڪارنامو انجام ڏنو هو.
ڪرڪيٽ ماهر منجهس وريندر سهواگ جي جارحيت ۽ يووراج سنگهه جو خوبصورت انداز جو ميلاپ ڏسن ٿا.
پاڪستان خلاف ميچ کان پوءِ وريندر سهواگ هڪ چيٽ ۾ اڀيشڪ کي سمجهائي رهيو هو ته ”جڏهن تون 70 رنسن تائين پهچين ته ان کي سينچري ۾ تبديل ڪر.“
سهواگ وڌيڪ چيو ته ”اهڙا موقعا بار بار ناهن ملندا، تنهنڪري مان اهو ئي چئي رهيو آهيان… هاڻي توکي يووراج سنگهه جي به فون ايندي ۽ هو به ساڳي ڳالهه ڪندو.“
سهواگ ان ڳالهه تي اڀيشيڪ شرما وراڻيو ته ” توهان صحيح پيا چئو، مان به ان تي ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ هو (يووراج) به مون کي اها ئي صلاح ڏيندو.“
پاڪستان خلاف ميچ ۾ اڀيشڪ رڳو 39 بالن تي 74 رنسون ٺاهيون، هو وڏا شارٽس کيڏي رهيو هو، جنهن بال تي هو آئوٽ ٿيو ان ۾ گهڻي جان نه هئي ۽ هو هڪ غلط شاٽ کيڏي آئوٽ ٿيو.

اڀيشيڪ شرما جو پيءُ هڪ بئنڪ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ڪرڪيٽ به کيڏندو هو.
شرما پراڻن ڏينهن کي ياد ڪندي چيو ته ”جڏهن به مان ميدان ۾ ويندو هوس، هو به ساڻس گڏ هوندو هو، مان وڏن ٻارن کي تربيت ۽ ڪوچنگ ڏيندو هوس. جڏهن وڏا ٻار اڀيشڪ کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا ته ”توهان جي پٽ ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ آهي.“
سندس چوڻ هو ته” اڀيشيڪ جي بيٽ سڌي ايندي هئي، هو سڌيون شاٽون ۽ زور سان کيڏيندو هو، ائين لڳندو ته هو وڏو رانديگر بڻجي سگهي ٿو.“
هن چيو ته ”جڏهن مون سندس جنون ڏٺو ته مون فيصلو ڪيو ته مان کيس ڪرڪيٽ ۾ آڻيندس، مان سليڪٽر، ريفري ۽ ڪوچ هوس، پر جڏهن مون کيس ڏٺو ته مون فيصلو ڪيو ته مان پاڻ ان جي ڪوچنگ ڪندس.“
۽ ائين به ناهي ته اڀيشيڪ ڪرڪيٽ جي ڪري پڙهائي نظر انداز ڪري ڇڏي، هن دهلي پبلڪ اسڪول، امرتسر مان تعليم حاصل ڪئي ۽ هر ڪلاس ۾ 90 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا.
هو هڪ ذهين شاگرد هو. هو ٽورنامنٽس جي وچ ۾ ايندڙ امتحان ڏيندو ۽ بهترين نمبر حاصل ڪندو هو، هن ڪڏهن به ڪنهن ڪلاس ۾ گهٽ نمبر نه کنيا، هن بي اي تائين تعليم حاصل ڪئي آهي.
پر اڀيشڪ پروفيشنل سيٽ اپ ۾ ڪڏهن داخل ٿيو ۽ شُڀمَن گِل سان سندس ايتري دوستي ڇو آهي؟
ڪيئي سال اڳ پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن انڊر 12 ۽ انڊر 14 ٽيمون ٺاهيون هيون، ان دوران هڪ ڪئمپ لڳائي وئي جنهن جو مقصد نئون ٽيلنٽ آڻڻ هو.
ان ڪئمپ جي نگراني ڊي پي آزاد ڪري رهيا هو، جيڪو ڪپل ديو جو به سرپرست رهي چڪو آهي.
ڊي پي آزاد پنجاب ڪرڪيٽ جو وڏو نالو هو ۽ سندن تمام گهڻي عزت ڪئي ويندي هئي.
ان ڪئمپ ۾ پنجاب ڀرسان 30 ٻارن کي چونڊيو ويو، اڀيشڪ شرما ۽ شُڀمَن گل ان وقت ٻار هئا.
راج ڪمار شرما موجب، ” هو ٻئي بنهه ننڍا هئا، آزاد جي چيو ته هي ٻئي ” گاڊ گفٽڊ “آهن، مان ٻارن سان ملڻ ويس ۽ سندن ميچ ڏٺي، آزاد ۽ ارون بيدي به ساڻ هو، بيدي جي مون کي هڪ پاسي وٺي آيو ۽ چيو ته 30 ٻارن مان هي ٻئي سڀ کان خاص آهن، اِهو لکي پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏ هو ٻئي هڪ ڏينهن ڀارت لاءِ کيڏندا.“
ٻنهي ڪوچز جي ڳالهين راج ڪمار شرما جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، هو ۽ اڀيشڪ ڏينهن رات محنت ڪندا رهيا، هو بئنڪ ۾ ڪم ڪندو هو پر اڀيشڪ جي ڪوچنگ لاءِ وقت ڪڍندو هو.
جڏهن اڀيشڪ انڊر 14 ٽيم ۾ هو ته سندس پيءُ بالنگ مشين ذريعي کيس 130-140 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان بال ڪرائيندو هو.
جڏهن ڪو هن کان پڇندو ته توهان ڇو کيس ايتري تيز سان بالننگ کيڏڻ تي مجبور ڪري رهيا آهيو؟ ته راج ڪمار جواب ڏيندا هئا ته هو پاڻ چوندو آهي ته تيز بالنگ ڪيو.
اڀيشيڪ شرما پنجاب جي انڊر 16 ٽيم جو ڪپتان پڻ رهيو.
هڪ سيزن دوران هن 1200 رنسون ٺاهيون ۽ 57 وڪيٽون حاصل ڪيون، جنهن کان پوءِ کيس بي سي سي آءِ طرفان نمن ايوارڊ سان نوازيو ويو.
ان کانپوءِ کيس انڊر 19 نارٿ زون ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو ۽ سندس ٽيم فاتح رهي.
پوءِ هو نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ويو، جتي راهول ڊريوڊ جي سرپرستي ۾ سندس صلاحيتن کي وڌيڪ نکاريو ويو.
بعد ۾ اڀيشڪ ڀارت جي انڊر 19 ٽيم جو ڪپتان بڻيو ۽ سندس قيادت ۾ ٽيم سريلنڪا ۾ ٿيل ايشيا ڪپ کٽي وئي.
اڀيشيڪ جي راند ۾ اِها بهتري کيس هوريان هوريان ڀارتي ڪرڪيٽ اسٽار يووراج سنگهه جي ويجهو آڻي رهي هئي.
يووراج سنگهه ۽ اڀيشڪ شرما جي ملاقات رنجِي ٽرافي دوران ٿي.
پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن رنجِي ٽرافي ۾ اڀيشڪ ۽ شُڀمَن کي موقعو ڏيڻ چاهي پئي.
اهو وقت هو جڏهن يووراج سنگهه پنهنجي بيماريءَ مان ڇوٽڪارو ماڻڻ بعد ڀارتي ٽيم ۾ واپسي جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ بي سي سي آءِ جي هدايت تي رنجِي ٽرافي کيڏي رهيو هو.
يووراج سنگهه کي ٻڌايو ويو ته انڊر 19 ٽيم جا ٻه ڇوڪرا آهن، کيس چيو ويو ته هڪ اوپننگ بيٽر آهي ۽ ٻيو ليفٽ آرم اسپنر آهي.
راج ڪمار شرما انهن ڏينهن کي ياد ڪندي چيو ته ” يووراج چيو ته مون کي بيٽر کپي ڇو ته مون وٽ اڳ ئي بالر موجود آهن، سليڪٽرن چيو نه هو ٻنهي کي موقعو ڏئي.
هڪ ميچ ۾ ٽي، چار رانديگر تڪڙا آئوٽ ٿي ويا، يووراج بيٽنگ ڪري رهيو هو، هن چيو ته اڀيشڪ کي موڪليو. پوءِ هو آيو ۽ يووراج کي دنگ ڪري ڇڏيائين، جنهن وقت اڀيشڪ ڪريز تي آيو ته يووراج 40 رنسن تي بيٽنگ ڪري رهيو هو، پر اڀيشڪ ڏسندي ڏسندي سينچري هڻي ويو.
شرما ميدان تي اڀيشڪ کان پڇيو ته ڇا هو ساڻس گڏ ٽريننگ ڪندو؟
اڀيشڪ جواب ڏنو ته هو يووراج کي پنهنجو آئيڊيل سمجهي ٿو، جنهن کي ڏسي هن کيڏڻ سکيو آهي، بس ان ڏينهن کانپوءِ اڀيشڪ، يووراج سنگهه سان گڏ ٽريننگ ڪرڻ لڳو.
ٻنهي جون ڪيترين ئي وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪيون آهن.
هڪ وڊيو ۾ يووراج سنگهه اڀيشڪ شرما کي چئي ٿو ته ” تو ۾ ڪائي بهتري نه آئي آهي، رڳو ڇڪا ٿو هڻين، پر هيٺ به کيڏندو ڪر يعني سنگل، ڊبل به ٺاهيندو ڪر.“
اڀيشيڪ جي والد موجب ”يووراج سنگهه ئي منهنجي پٽ کي ٽريننگ ڏيندو آهي، هو اڀيشڪ جو تمام گهڻو خيال رکي ٿو، هن کيس ذهني ۽ جسماني طور مضبوط بڻايو آهي. توهان اندازو لڳايو ته جيڪڏهن هڪ ورلڊ ڪلاس آل رائونڊر ڪنهن جي تربيت ڪري ته کيس اڳتي وڌڻ کان ڪير روڪي سگهندو.؟“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.