پاڪستاني نوجوانن جي ڀلائيءَ لاءِ فيسبڪ وڏو قدم کڻي ورتو

ميٽا هلندڙ هفتي کان پاڪستان ۾ فيسبُڪ ۽ ميسينجر تي به ننڍي عمر وارن لاءِ (Teen Accounts) اڪائونٽس متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کي نوجوانن لاءِ محفوظ رکڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
ميٽا موجب، اِها سهولت اڳ ۾ ئي سموري دنيا جي انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ موجود آهي، جيڪا هاڻي فيسبُڪ ۽ ميسينجر تي به عالمي سطح تي فراهم ڪئي پئي وڃي.
ميٽا جو چوڻ آهي ته هڪ سال اڳ ننڍي عمر ماڻهن جا اڪائونٽس متعارف ڪرايا ويا هئا، جيڪي نوجوان يوزرز کي ايپس تي محفوظ رکڻ لاءِ هڪ اهم قدم هو، ۽ هينئر تائين لکين ننڍي عمر وارن واهپيدارن انسٽاگرام، فيسبُڪ ۽ ميسينجر تي هن سسٽم تحت منتقل ٿي چڪا آهن.
ڪمپني وضاحت ڪئي آهي ته انهن اڪائونٽن ۾ پاڻمرادو حفاظتي اپاءَ شامل آهن، جيڪي والدين جي اهم خدشن کي ختم ڪن ٿا، جهڙوڪ اهو طئي ڪرڻ ته نوجوان ڪهڙن ماڻهن سان رابطو ڪري سگهن ٿا، ڪهڙو مواد ڏسي سگهن ٿا ۽ آن لائين وقت ڪيئن گذارين ٿا.
ٽين اڪائونٽس ۾ ڏنل حفاظتي اپاءَ والدين جي وڏن خدشن کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيا ويا آهن.
انهن ۾ پاڻمرادو نظام ذريعي اهو يقيني بڻايو ويندو ته نوجوان ڪهڙن ماڻهن سان ڳالهائن ٿا، ڪهڙو مواد ڏسن ٿا ۽ ڇا انهن جو وقت بهتر نموني گذري رهيو آهي.
ميٽا چيو ته جيتوڻيڪ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر ميٽا لاءِ اها ڳالهه اتساهيندڙ آهي ته ٽين اڪائونٽس والدين کي نوجوانن جي آن لائين تجربي بابت وڌيڪ اعتماد ۽ اطمينان فراهم ڪري رهيا آهن.
ڪمپني وڌيڪ چيو ته هوءَ والدين جي مدد ۽ نوجوان واهپيدارن جي تحفظ لاءِ لڳاتار نوان طريقا ڳولي رهي آهي.
ميٽا هن هفتي کان ئي پاڪستان ۾ نون واهپيدارن سان گڏوگڏ اهڙن ننڍي عمر نوجوانن کي به جيڪي اڳ ۾ فيس بُڪ ۽ ميسينجر استعمال ڪري رهيا آهن، ٽين اڪائونٽس ۾ منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو.
ياد رهي ته گذريل مهيني رائيٽرز جي رپورٽ ۾ڄاڻايو ويو هو ته ميٽا جي اي آءِ ظابطن ۾ موجود خامين سبب بوٽس ٻارن سان غير موزون ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن ٿا ۽ غلط طبي ڄاڻ فراهم ڪري سگهن ٿا.
ان دوران ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪر برگ چيو هو ته ڪمپني ”سپر انٽيليجنس“ لاءِ وڏي پئماني تي اي آءِ ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ تي کربين ڊالر خرچ ڪندي، جنهن لاءِ هو ماهر انجنيئرز جي ڊوڙ ۾ به شامل آهن.
اا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.