” پاڪستان سان ايڏي نفرت آهي ته پوءِ کيڏو ڇو ٿا؟“ ششي ٿروري جي ڀارتي ٽيم تي تنقيد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪانگريس اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير ششي ٿرور ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچن دوران هينڊ شيڪ تڪرار تي ڳالهائيندي راند ۽ سياست کي ڌار رکڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.
ششي ٿرور پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته 1999ع ۾ ڪارگل جنگ هلي رهي هئي، سپاهي مري رهيا هئا، تڏهن به اسان انگلينڊ ۾ عالمي ڪپ دوران پاڪستاني رانديگرن سان هٿ ملايو هو ته هاڻي ائين ڇو آهي؟
هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان بابت ايترو شدت سان محسوس ڪيون ٿا پوءِ اسان کي کيڏڻ ئي نه گهرجي ها ۽ جيڪڏهن کيڏي رهيا آهيون ته پوءِ راند جي جذبي سان کيڏڻ گهرجي،ساڻن هٿ ملائڻ کپي.
ششي ٿرور جو چوڻ هو ته راند جو جذبو ملڪن وچ ۾ هلندڙ تڪراررن کان مختلف هوندو آهي.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ 14 سيپٽمبر تي گروپ ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو ٽاس موقعي تي پاڪستاني ڪپتان سان هٿ نه ملايو هو، جڏهن ته ميچ جي پڄاڻي تي به ڀارتي ٽيم گرين شرٽس سان هٿ ملائڻ کان پاسو ڪيو هو، جنهن بعد تڪرار پيدا ٿيو.
اهڙو ئي رويو 21 سيپٽمبر تي سُپر فور مرحلي ۾ به ڏسڻ ۾ آيو، جتي ڀارتي ڪپتان نه ٽاس وقت ۽ نه ئي ميچ کانپوءِ پاڪستاني رانديگرن سان هٿ ملايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.