اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ججن جي بدلي ۽ سينارٽي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي بدلي ۽ سينارٽي کي چيلينج ڪيو هو، ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪئي.
55 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جسٽس محمد علي مظهر لکيو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته صدر کي هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي، اهو اختيار پنهنجي نوعيت ۾ آزاد آهي، پر ڪجهه حفاظتي قدم ۽ ضمانتون به شامل آهن، صدر جا اهي اختيار آئين جي ڪنهن ٻئي آرٽيڪل تي نٿا ڀاڙين.
تفصيلي فيصلي موجب بنيادي شرط اهو آهي ته جج کي هاءِ ڪورٽ منتقل ڪرڻ لاءِ جج جو راضپو وٺڻ ضروري آهي، صدر چيف جسٽس پاڪستان ۽ ٻنهي هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز سان مشاورت جو پابند آهي، هنگامي حالتن ۾ ذيلي آرٽيڪل (3) اجازت ڏئي ٿو ته هاءِ ڪورٽس جي ججن جو انگ عارضي طور وڌائي سگهجي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٻي هاءِ ڪورٽ جي جج کي مقرر مدي لاءِ گهرائي سگهي ٿو، اهو عمل به ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن جج جي رضامندي هجي.
صدر کي جج ٻي هاءِ ڪورٽ بدلي ڪرڻ جو اختيار آهي: ججز ٽرانسفر ۽ سينارٽي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري
You might also like