دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رانديگرن خلاف ڀارت جي شڪايت، اڄ آءِ سي سي ٻڌڻي جو امڪان نه آهي.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي شڪايت تي پاڪستاني رانديگرن خلاف اڄ آءِ سي سي جي ٻڌڻي جو امڪان ناهي.
ذريعن موجب، پاڪستاني ڪرڪيٽرن خلاف ڀارتي شڪايت تي آءِ سي سي طرفان ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ ٻڌڻي ڪندو، پر بنگلاديش سان ميچ سبب پي سي بي نٿو چاهي ته پاڪستاني رانديگرن خلاف اڄ ٻڌڻي ٿئي.
ٻئي پاسي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو خلاف آءِ سي سي اڄ ٻڌڻي ڪري سگهي ٿو ۽ پي سي بي جي شڪايت تي رِچي رچرڊسن اڄ فيصلو ٻڌائيندو.
ذريعن موجب، امڪاني طور فائنل ٽيون ڀيرو دوبدو ٿيڻ کان اڳ شڪايت ٻڌڻ جو مقصد ايندڙ ميچ کي تڪرارن کان پري رکڻ آهي.
واضح رهي ته بي سي سي آءِ آءِ سي سي کي اي ميل ذريعي پاڪستاني رانديگرن جي باظابطا شڪايت ڪندي فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ صاحبزاده فرحان خلاف سخت ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، اي ميل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صاحبزاده فرحان ۽ حارث رئوف ميدان تي چڙ ڏياريندڙ اشارا ڪيا، حارث رئوف تماشائين جي ”ڪوهلي، ڪوهلي“ جي نعرن جي موٽ ۾ هٿ سان جهاز ڪِرڻ ۽ 0-6 جا اشارا ڪيا، جڏهن ته صاحبزاده فرحان ففٽي اسڪور ڪرڻ تي ”گن شاٽ“ واري انداز ۾ جشن ملهايو.