پ پ ٻوڏ تي سياست ڪئي، متاثر بي آءِ ايس پي جي 10 هزار مان ڇا ڪندا؟ مريم نواز

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پ پ پنجاب جي ٻوڏ تي سياست ڪئي، سنڌ جي حالت ڪهڙي آهي ان تي نٿي ڳالهائڻ چاهيان، پنهنجا منشور پاڻ وٽ رکو، اسان پنجاب سنڀالي وٺنداسين.
ڊيرا غازي خان ۾ اليڪٽرڪ بس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مون کي چيو پيو وڃي مان ڇو دنيا کان مدد نه پئي وٺان، نواز شريف جي ڌيءُ آهيان تنهن ڪري ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگينديس، ڪو باعزت شخص امداد گهرڻ جي ڳالهه ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ مون کي امداد جي ضرورت ناهي، پنجاب جي عوام جو پيسو پنجاب جي عوام تي ئي خرچ ٿيندو.
هن چيو ته بلاول منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي پر کيس چوڻ چاهيان ٿي ته پ پ جي ترجمانن ئي سمجهائي، سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ان تي نٿي ڳالهائڻ چاهيان، پنهنجي صوبي کي ڏسو، پنهنجا منشور پاڻ وٽ رکو، اسان پنجاب کي سنڀالي وٺڻداسين.
سندس چوڻ هو ته بي آءِ ايس پي ۾ رڳو 10 هزار جي امداد آهي، جڏهن ته اسان 10 لک رپين تائين مدد ڪرڻ چاهيون ٿا، جن جو لکن جو نقصان ٿيو، اهي 10 هزارن جو ڇا ڪندا؟
مريم نواز وڌيڪ چيو ته اسان کي جيڪي اين ايف سي جا اربين کربين رپيا ملندا آهن اهي ڇا لاءِ آهن؟ جيڪڏهن صوبن کي اهي پيسا عوام تي خرچ ناهن ڪرڻا ته ڇا اهي رڳو بينڪ ۾ رکڻ لاءِ آهن؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.