اسلام آباد(بيورو)وفاقي گهرو وزير سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن۔ سپريمڪورٽ جي هر رٽائرڊ جج کي 24 ڪلاڪ سيڪيورٽي لاءِ 3 پوليس اهلڪار مهيا ڪيا ويندا۔ياد رهي ته 5 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار، چيف جسٽس جي منظوري سان، گهرو وزارت کي رٽائرڊ ججن جي سيڪيورٽي بابت باضابطه خط لکيو هو