ڪراچي ڪال سينٽر ۾ ڇوڪري کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ 8 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سافٽ ويئر هائوس ۾ ڇوڪري کي هراسان ڪرڻ ۽ فائرنگ جو واقعو، 6 ڪيس داخل، 8 ڄڻا گرفتار، گلشن اقبال بلاڪ 6 ۾ هڪ سافٽ ويئر هائوس (ڪال سينٽر) ۾ ڇوڪري کي هراسان ڪرڻ ۽ فائرنگ جي واقعي تي 6 ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رپورٽ موجب متاثر ڇوڪري جي والد سيد شعيب حسين جي فرياد ۾ پهريون ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ هراسان ڪرڻ، بيگناهه قيد ۾ رکڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ تشدد جا الزام شامل ڪيا ويا، والد موجب ڌيءَ ٽن سالن کان ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪندي هئي، جتي برانچ مينيجر دانيال کيس هراسان ڪندو هو، معاملي تي ڌيءَ جي ڀاءُ ۽ مامي دانيال سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته صورتحال تڪرار ۾ تبديل ٿي وئي، واقعي واري ڏينهن دانيال ۽ ساٿين ڇوڪري کي اندر بند ڪري ڇڏيو، دروازو ٽوڙڻ تي برانچ مينيجر دانيال گار گند ڪئي ۽ ذوالقرنين فائرنگ ڪئي، ٻئي ڌر به فائرنگ ڪئي، پولس 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.