ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽر ) ملير جي علائقي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٽن کدڙن فقيرن جي قتل ۽ پوليس طرفان قاتلن جي گرفتاري نه ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي، کدڙن فقيرن ۽ عوامي راڄ تحريڪ طرفان بنديا راڻي،ناصر منصور، خليل شاهه،هما عباسي، ڊاڪٽر سارہ ايڊووڪيٽ رشيد راڄڙ ،ايڊووڪيٽ لاريب ٻرڙو نشا رائو، ڪامي چوڌري، ڪامريڊ زهره ،ايڊووڪيٽ حبيب پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هو ڪراچي کي سوات ٿيڻ نه ڏيندا ۽ وفاقي سنڌ حڪومت کدڙن فقيرن جي جاني تحفظ فراهم ڪرڻ کي اوليت جي بنياد تي پنهنجي شهري حقن جي ايجنڊا تي نه رکيو آهي، هنن چيو ته ڊفينس بدر ڪمرشل ايريا ۾ درخشان ٿاڻي جا اهلڪار کدڙن فقيرن جي گهرن تي ڇاپا هڻي رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته پشاور، سوات ،لاهور بعد سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ به کدڙا فقير خوف ۽ فراريت جي زندگي گذاري رهيا آهن، سنڌ حڪومت ۽پنجاب حڪومت کدڙن فقيرن جي سماجي ڀلائيءَ لاءِ ته منصوبا بڻائي ٿي پر انهن جي جان جي خطرن خلاف قدم نه ٿو کنيو وڃي. کدڙن فقيرن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملير ۾ قتل ٿيل ٽن کدڙن فقيرن جي قاتلن کي گرفتار ڪري عوام آڏو انهن جا چهرا پڌرا ڪيا وڃن، ملير پوليس طرفان ڪيس ۾ دلچسپي نه وٺڻ ۽ ٽن کدڙن فقيرن جي قتل جي تحقيقي رپورٽ جوڙڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ هڪ تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي وڃي، پوليس ٿاڻن تي کدڙن فقيرن جي مدد لاءِ الڳ ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي ۽ هوڏانهن حيدرآباد جي ٽرانسجينڊرن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ثنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته 2 ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ٽن کدڙن فقيرن کي بي گناھ قتل ڪيو ويو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، هنن چيو ته ڪيتري وقت کان وٺي کدڙن فقيرن مٿان ظلم ۽ ذيادتي پئي ڪئي وڃي جيڪا افسوس جي ڳالھ آهي