عليحدگي پسندن کي افغانستان جي پٺڀرائي حاصل آهي: سرفراز بگٽي

اسلام آباد(بيورو) وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ عليحدگي پسند دهشتگردن کي اڄ به افغانستان جي سهائتا حاصل آهي،سرفراز بگٽي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته 2016 تائين بلوچستان گهڻو ڪري پرامن هو، پر جيڪي ماڻهو 2018 ۾ ڇڏيا ويا، سي وري دهشتگردن سان ملي ويا، هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن جو بلوچستان سان ڪو به تعلق ناهي، لاپتا ماڻهن تي سياست ڪندڙ پنهنجي تقريرن ۾ انهن جو ذڪر به نٿا ڪن ۽ کين بلوچستان جي محرومي مان فائدو حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.