اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءالله هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سياسي اڳواڻ جي سياست ملڪ جي مفاد ۾ ناهي ته ان سان هم آهنگي ڪيئن ممڪن آهي،معرڪه حق جي ڪاميابي پاڪستان کي نئين طاقت ڏني آهي ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل معاهدو خوش آئند آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا عدالتن ٻاهران روزانو تماشو ۽ هنگامي حالتون خراب ڪندا ته عمران خان سان به اهڙو ئي رويو رکبو۔ نظم و ضبط کي مدنظر رکڻ ضروري آهي،هن چيو ته مقتدره کي عمران خان سان رابطو نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي آئين ۽ قانون جي مطابق مقتدره اهڙو رابطو ڪري سگهي ٿي،فتنو ۽ فساد ختم ٿيڻ تائين عمران خان جيل ۾ ئي رهندو.