ڪاميابي ۽ شهرت جي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي: حُميرا ارشد

لاهور (ويب ڊيسڪ) ماضي جي مشهور پلي بيڪ گلوڪار حُميرا ارشد چيو آهي ته هر انسان کي ڪاميابي ۽ شهرت جي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، ڪا به ڪاميابي سولي يا مفت ۾ نٿي ملي.
حُميرا ارشد ويجهڙ هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن کليل دل سان مختلف معاملن تي ڳالهايو.
پروگرام دوران هن اعتراف ڪيو ته کيس زندگي ۾ ئي ايترو پيار ۽ محبت ملي، جيتري هوءَ حقدار هئي، رياست طرفان به کيس ايوارڊ ڏنو ويو.
سندس چوڻ هو جيتوڻيڪ هوءَ ننڍپڻ کان ڳائيندي هئي ۽ کيس گلوڪاري جو شوق به هو، پر ڪڏهن سوچيو ئي نه هو ته هوءَ گلوڪارا بڻجندي.
هن چيو ته سندس ماءُ ذاڪر هئي، هوءَ پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) تي پروگرام ڪندي هئي، هڪ ڏينهن هوءَ ماءُ سان گڏ ويئي ته کيس پڻ موقعو مليو.
حُميرا ارشد موجب، امڙ سان گڏ پي ٽي وي وڃڻ بعد کيس ننڍي عمر ۾ گلوڪاري جو موقعو مليو ۽ هن ”صدا هو اپني پيار ڪي“ گيت ڳايو، جيڪو خوشقسمتي سان تمام گهڻو مشهور ٿيو.
هن چيو ته پهريون ئي گيت سندس لاءِ ڀاڳوند ثابت ٿيو ۽ هوءَ مقبول ٿي وئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ حُميرا ارشد ٻڌايو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ کيس صفائي ڪندڙ ۽ ٻهارو ڏيندڙ ٻه مداح مليا، جيڪي کيس ڏسي دنگ رهجي ويا ۽ سندن وات مان آواز ئي نه نڪتو.
گلوڪارا چيو ته حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته جڏهن هن ٻهاري ڏيندڙ مداح مان هڪ کي سڏيو ته هن چيو ته ” ڇا گلوڪارا کين سڃاڻي ٿي؟ ڇا هوءَ سندن مداح آهي؟ جنهن تي هوءَ پاڻ به حيران ٿي وئي.
ٻئي سوال جي جواب ۾ حُميرا ارشد اعتراف ڪيو ته ٻين جيان هن به ڪاميابي ۽ شهرت جي قيمت ادا ڪئي آهي، هر فنڪار کي اها قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.
هن چيو ته آرٽسٽ بڻجڻ کانپوءِ سڀ کان وڏي قرباني پنهنجي ذاتي زندگي وڃائڻي پوي ٿي، ڪنهن به شخص جي پرائيويسي نٿي رهي، هو عوامي ملڪيت بڻجي وڃي ٿو.
سندس چوڻ هو ته آرٽسٽ هڪ اهڙو چوڪ بڻجي وڃي ٿو ، جتي ايندڙ ويندڙ ماڻهو بيهي، فنڪار بابت ڪجهه به ڳالهائي سگهن ٿا ۽ هر آرٽسٽ کي اها قرباني ڏيڻي پوي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.