ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر آصفا ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي استعمال نه ڪرڻ غفلت هوندي.
ايڪس تي بيان جاري ڪندي آصفا ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب ۾ ايندڙ ٻوڏ سبب 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ متاثرن کي امداد جي فراهمي جو سڀ کان تيز ۽ اثرائتو ذريعو آهي.
هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام رياست وٽ هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن وٽ متاثر ماڻهن جي ڊيٽا ۽ انهن تائين پهچ جي صلاحيت آهي.
You might also like