ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديا جاويد، فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياست سدائين نعرن ۽ بيانن تائين محدود رهي آهي، انهن کي عملي ڪارڪردگي نظر نه پئي اچي.
پنهنجي بيان ۾ سعديا جاويد چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياسي حقيقت سڀ جي سامهون آهي، ڪوڙي مينڊيٽ تي سياست گهڻي دير نٿي هلي سگهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجا منصوبا مڪمل ڪندي، ڀلي ڪو گوڙ ڪري يا تنقيد ڪري، قانون ۽ اصولن تي عمل بنا سياست ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي، ڪراچي کي حقيقي خدمت جي ضرورت آهي.
ايم ڪيو ايم جي سياست سدائين نعرن ۽ بيانن تائين محدود رهي آهي: سنڌ حڪومت جي ترجمان
You might also like