اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي ڊپٽي رجسٽرار نذر عباس جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي تفصيلي فيصلو جاري ڪندي ڪميٽي ميمبرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ اڳوڻي ڊپٽي رجسٽرار نذر عباس جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي ميمبرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي غير پائيدار آهي.
فيصلو جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ ڏنو، بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس اطهر من الله، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هئا.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ريگيولر بينچ جا 21 ۽ 27 جنوري جا حڪم اثرائتا ناهن رهيا، آرٽيڪل 204 تحت جج هڪٻئي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي نٿا ڪري سگهن.
سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ججن کي آئيني تحفظ حاصل آهي، رڳو سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، ججن جي وچ ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي انصاف جي نظام کي نقصان پهچائيندي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ريگيولر بينچ کي آئيني ترميم کانپوءِ ڪيس ٻڌڻ جو اختيار نه هو، پارليامينٽ جي 26هين آئيني ترميم کانپوءِ ڪيس رڳو آئيني بينچ ئي ٻڌي سگهي ٿي.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ريگيولر بينچ آئين جي شقن جي ابتڙ ڪارروائي جاري رکي.
You might also like