دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) آمريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي موجب، يو ايس اي ڪرڪيٽ بار بار آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، پر معطلي باوجود آمريڪا، ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کيڏڻ جي اهل هوندي.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته يو ايس اي ڪرڪيٽ جي معطلي جو فيصلو آءِ سي سي بورڊ ميٽنگ ۾ ڪيو ويو، يو ايس اي ڪرڪيٽ آءِ سي سي ميمبر طور ڪيئي ڀيرا آءِ سي سي آئين جي ڀڇڪڙي ڪئي ۽ گورننس سسٽم ٺاهڻ ۾ ناڪام رهي.
آءِ سي سي موجب، يو ايس اي ڪرڪيٽ کي نيشنل گورننگ باڊي جو درجو نه ملي سگهيو، معطلي افسوسناڪ پر ضرورت قدم هو، آمريڪا جي قومي ٽيم جو انتظام ۽ مئنيجمينٽ عارضي طور آءِ سي سي سنڀاليندو.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته معطلي سان آمريڪي ڪرڪيٽر متاثر نه ٿيندا، نارملائزيشن ڪميٽي يو ايس اي ڪرڪيٽ جي سڌارن تي نظر رکندي، رڪنيت بحالي لاءِ يو ايس اي ڪرڪيٽ کي ترت جوڳا قدم کڻڻا پوندا.
آءِ سي سي موجب، ادارو آمريڪا ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي.
You might also like