آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستاني رانديگرن جي ترقي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل ٽي ٽوئنٽي رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي بالر جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي ورن چڪرورتي جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي، ٻئي نمبر تي نيوزيلينڊ جو جيڪب ڊفي ۽ ٽئين نمبر تي ويسٽ انڊيز جو عاقل حسين موجود آهي.
رينڪنگ ۾ پاڪستاني اسپنر ابرار احمد شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي 12 هين نمبر تان ٽپو ڏئي چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته فاسٽ بالر شاهين آفريدي ٻه درجا بهتري کانپوءِ 25 هين ۽ حارث رئوف نَو درجا ترقي بعد 28 هين نمبر تي پهچي ويو آهي.
ان کانسواءِ محمد نواز 13 درجا تنزلي سان 46 هين ۽ صفيان مقيم 3 درجا وڃائڻ بعد 14 هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته ڀارتي بالر هاردِڪ پانڊيا 6 درجا ترقي بعد هاڻي 60 هين پوزيشن تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي بيٽرز رينڪنگ ۾ ڀارت جو اڀيشڪ شرما پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو فل سالٽ ٻئي ۽ ڀارت جو تِلڪ ورما هڪ درجو ترقي بعد ٽئين نمبر تي اچي ويو.
پاڪستان جي صاحبزادا فرحان 31 درجا بهتريءَ بعد 24 هين پوزيشن تي اچي ويو، جڏهن ته صائم ايوب 8 درجا تنزلي سان 55 هين نمبر تي هليو ويو آهي.
آءِ سي سي بيٽرز رينڪنگ ۾ پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا ۽ اوپنر فخر زمان ٻئي ٽي، ٽي درجا بهتريءَ سان ترتيبوار 65 هين ۽ 66 هين نمبر تي پهچي ويا آهن.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ ڀارت جو هاردڪ پانڊيا پهرئين، افغانستان جو راشد خان ٻئي ۽ زمبابوي جو سڪندر رضا ٽئين نمبر تي آهن.
آل رائونڊرز ۾ پاڪستان جي صائم ايوب پنجين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، محمد نواز هڪ درجو ترقي کانپوءِ 17 هين ۽ فهيم اشرف 12 درجا بهتري بعد 39 هين نمبر تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.