ابرار ۽ هسارنگا ڪاپي کان ڀاڪر تائين” اِها شيءِ جيڪا ڀارتي ٽيم ڪڏهن به نه سکي سگهندي “

گڏيل عرب امارتن ۾ جاري ايشيا ڪپ ۾ ”اسپورٽس مين اسپِرٽ“ يا راند جي روح تي سڀ کان وڌيڪ بحث ٿي رهيو آهي.
گذريل رات ابوظهبي ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٿيل ميچ ۾ اهڙا واقعا پيش آيا جن هڪ ڀيرو وري انهي بحث کي اڳتي وڌايو جيڪو ڀارت ۽ پاڪستان مقابلي کان شروع ٿيو هو.
پر هن واري سوشل ميڊيا تي ميدان اندر ٿيندڙ مقابلي ۽ پوءِ ميدان کان ٻاهر واري دوستاڻي رويي جي واکاڻ ٿي رهي آهي ۽ ان کي ”اسپورٽس مين شپ“ قرار ڏنو پيو وڃي.
جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ان مقابلي تي به پاڪ-ڀارت ٽاڪري دوران پيدا ٿيل تڪرار جو ڇنڊا پئجي رهيا آهن.
اِهو بحث اصل ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 14 سيپٽمبر تي ٿيل ليگ ميچ کان شروع ٿيو هو، جنهن ۾ ٻنهي ٽيم جي رانديگرن هڪ ٻئي سان رسمي طور هٿ ملائڻ کان پاسو ڪيو هو.

ايشيا ڪپ سڦپر فور ۾ پاڪستان جي ڪاميابي
ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي ۾ اڱاري ڏينهن ٿيل ٽِين ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏني، جنهن بعد سريلنڪا اٽڪل ايشيا ڪپ مان آئوٽ ٿي وئي آهي ۽ پاڪستان جون فائنل تائين پهچڻ جون اميدون برقرار آهن.

پاڪستان جي بالنگ جي واکاڻ
پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ اهم ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو.
شاهين شاهه آفريدي پنهنجي پهرئين اوور جي ٻئي بال تي اوپنر ڪُشال مينڊس کي آئوٽ ڪيو.
ان کانپوءِ پنهنجي ٻئي اوور جي ٻئي بال تي ٻئي اوپنر پٿم نسانڪا کي به پويليون جو رستو ڏيکاريو، سريلنڪن ٽيم شروعاتي ٻن جهٽڪن کانپوءِ پاڻ سنڀالي نه سگهي ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون رهيون.
راند ۾ هڪ دلچسپ لمحو ان وقت آيو جڏهن ابرار احمد ونندو هسارنگا کي بولڊ ڪيو ۽ پوءِ هُن جي ئي انداز ۾ وڪيٽ جو جشن پڻ ملهايو.
سريلنڪا مقرر ويهه اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسون ٺاهيون ۽ اهڙيءَ طرح پاڪستان کي هڪ آسان هدف مليو.
پاڪستان طرفان اوپنرن ٽيم کي سٺي شروعات فراهم ڪئي، پر جڏهن هسارنگا، ٿيڪشنا جي بال تي فخر زمان جو هڪ غير معمولي ڪيچ پڪڙيو ته هن ابرار احمد واري انداز ۾ ڪنڌ سان فخر کي کيس ميدان ڇڏڻ جو اشارو ڪيو، ميچ جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيو.
ان کانپوءِ ٻئي اور ۾ هن صائم ايوب کي بولڊ ڪرڻ بعد به ساڳئي انداز ۾ جشن ملهايو.
اسي رنسن تي پاڪستان جا پنج رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا، پر پوءِ پليئر آف دي ميچ قرار ڏنل حسين طلعت ۽ محمد نواز وڌيڪ بنا ڪنهن نقصان جي 12 بالن اڳ ئي گهربل هدف پورو ڪري ورتو.
ان ميچ سان گڏ پاڪستان جي فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون روشن ٿي ويون آهن.
سپر فور مرحلي ۾ هن وقت ڀارت ۽ بنگلاديش ٻنهي جون ٻه ٻه پوائنٽس آهن، جڏهن ته پاڪستان ۽ سريلنڪا لاءِ اِها اهم هئي ڇاڪاڻ ته ٻنهي ٽيم کي سپر فور جي پهرين ميچ ۾ شڪست ملي هئي، سريلنڪا کي بنگلاديش ۽ پاڪستان کي ڀارت هٿان ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو.

ابرار ۽ هسارنگا جي ميچ کانپوءِ ڀاڪر پائي ملڻ واري تصوير وائرل
ميچ کانپوءِ ابرار احمد ۽ هسارنگا جي هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملڻ واري منظر ڏسندڙن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ اهڙي طرح سوشل ميڊيا تي ”اسپورٽس مين شپ“ جو بحث ڇڙي ويو.

پاڪستان وومين ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثنا مير جي ٽوئيٽ ڪئي ته ”هسارنگا ۽ ابرار پنهنجي مخالف ٽيم جي رانديگرن کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ هڪٻئي جي جشن واري انداز جي نقل ڪندي نظر آيا، جنهن قسم جي جارحيت توهان کي راند جي ميدان ۾ ڏسڻ گهرجي (ائين ئي ٿيو)، اِها ڇيڙڇاڙ سڀني لاءِ جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيو. “

عبدالله نالي واهپيدار لکيو ته ”هسارنگا ۽ ابرار احمد ميچ کان پوءِ کِلندا رهيا ۽ اسپورٽس مين شپ جو مظاهرو ڪيو، اِها ڳالهه آهي جيڪا ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ڪڏهن نه سکي سگهندي.“
يوٽيوب تي صارف ناظم احد لکيو چيو ته ” هسارنگا ۽ ابرار هن ميچ کي تمام گهڻو دلچسپ بڻائي ڇڏيو، ٻنهي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشون.“
ڊاڪٽر صاحب نالي هڪ صارف لکيو ته ”هسارنگا ۽ ابرار هڪٻئي جي جشن ملهائڻ وارو انداز ڪاپي ڪي ۽ پوءِ گرمجوشي سان ڀاڪر پائي مليا ۽ کلندا، کلائيندا رهيا، ٻنهي راند جي حقيقي روح جو مظاهرو ڪيو “
سريلنڪن ڪرڪيٽ جي هڪ عهديدار نبراز رمضان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو ته ” ڪرڪيٽ ميچ جي پڄاڻي اهڙيءَ طرح ئي ٿيڻ گهرجي. “
هن وڌيڪ چيو ته ”بس اهو وڻيو… راند دوران دوستاڻي انداز ۾ کِل ڀوڳ ۽ راند جي پڄاڻيءَ تي ڀائيچارو، يقين نه ڪرن جوڳي اسپورٽس مين شپ، هڙني ڪرڪيٽرن لاءِ ان مان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي “

سوشل ميڊيا تي پاڪ-ڀارت فائنل جي اڳڪٿي
سوشل ميڊيا تي هاڻي ان ميچ بابت دلچسپ تبصرا ۽ تجزيا جاري آهن ۽ شوقينن جو خيال آهي ته پاڪستان ايندڙ ميچ ۾ بنگلاديش کي هارايو ته فائنل هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت خلاف ٿيندو.
پاڪستاني ٽيم جي مداحن جو خيال آهي ته پاڪستان ڀارت هٿان مسلسل شڪستن جو پلاند وٺندو، جڏهن ته ڀارتي شوقينن جو چوڻ آهي ته ڀارت وري پاڪستان کي مات ڏيندو.
ڪجهه واهپيدارن کي پاڪستان جي ڪاميابي باوجود ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس پڻ ڪيو.
انور علي بيگ نالي واهپيدار لکيو ته ” سائين، اسان هن فتح تي ڇا چئون، لڳي پيو ته اجهو هارايوسين.“

پاڪستاني بالرن جي ساراهه
پهرين اننگز کانپوءِ گهڻن ئي واهپيدارن پاڪستاني بالرن جي تعريف ڪئي.
شاهين شاهه آفريدي چئن اوورن 28 رنسون ڏئي ٽي وڪيٽون ورتيون ۽ هو پاڪستاني مداحن جي ڌيان جي مرڪز بڻيل رهيو.
هڪ واهپيدار لکيو ته ” شاهين شاهه آفريدي جي بالنگ جي شروع کان آخر تائين شاندار هئي، هن سريلنڪن بيٽنگ لائين جي جا ٿنڀ اُکيڙي ڇڏيا.“
هڪ واهپيدار لکيو ته ” مون ان ڳالهه تي تعجب آهي ته اِهو شاهين آفريدي ڀارت خلاف ميچ ۾ ڪٿي هوندو آهي؟ هو اڄ بلڪل مختلف بالر نظر آيو.“
ميچ ۾ حسين طلعت به ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا، جنهن تي سعد ملڪ نالي واهپيدار لکيو ته ” ”حسين طلعت کان بالنگ ڪرائڻ جو فيصلو درست ثابت ٿيو، هن ٻه اهم وڪيٽون وٺي ويو.“
ان کانسواءِ ابرار احمد پنهنجي چار اوورن ۾ رڳو اٺ رنسون ڏنيون ۽ هڪ اهم وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.