سنڌ حڪومت گاڏين جي عمر جي حد مقرر ڪري ڇڏي، هيوي ٽرانسپورٽ لاءِ ٽريڪنگ سسٽم لازمي قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ٽريفڪ قانونن ۽ عوامي تحفظ لاءِ سنڌ موٽر وهيڪل رولز 1969 ۾ ترميمن جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
ٽرانسپورٽ کاتي جي ترجمان موجب ترميمن تحت ڳرين ڪمرشل گاڏين جي مالڪن کي نون شرطن تي عمل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، فٽينس سرٽيفڪيٽ، گاڏين جي مقرر عمر جي حد ۽ جديد حفاظتي نظام لازمي هوندو.
ان حوالي سان ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڳريون ڪمرشل گاڏيون هاڻ ٽرانسپورٽ کاتي جي قائم مرڪزن مان فٽنيس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪنديون، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ گاڏي مالڪن تي ڳرا ڏنڊ هنيا ويندا ۽ ڏنڊ جي رقم آن لائن سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندي.
هن چيو ته سڀني گاڏين لاءِ روڊ ورٿ ٽيسٽ لازمي هوندي، ڀڃڪڙي تي پهرئين مرحلي ۾ معمولي ڏنڊ، ٻيو ڀيرو ٻه لک رپيا ۽ ٽيون ڀيرو 3 لک رپين تائين ڏنڊ هوندو.
سندس چوڻ هو ته نين ترميمن ۾ گاڏين جي عمر جي حد به مقرر ڪئي وئي آهي، انٽر پروونشل روٽس تي 20 سال کان وڌيڪ پراڻي گاڏين کي پرمٽ نه ڏني ويندي، انٽر سٽي روٽس تي 25 سال کان وڌيڪ پراڻيون گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته شهرن جي اندر هلندڙ گاڏين لاءِ به عمر جي حد 35 سال مقرر ڪئي وئي آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪنهن ڪمرشل گاڏي کي بنا ٽريڪنگ ۽ حفاظتي نظام جي هلڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ڀڃڪڙي تي ڳرو ڏنڊ هوندو، گاڏي کي عارضي طور بند ڪيو ويندو ۽ 14 ڏينهن اندر سڌارو نه ٿيڻ تي رجسٽريشن مستقل رد ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.