جماعت اسلامي جو سرڪاري ملازمن جي جائز مطالبن جي حمايت جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ”سنڌ ايمپلائز الائنس“ پاران سرڪاري ملازمن جي پينشن رولز واري ظالماڻي قانون جي خاتمي ۽ ملازمن کي نوڪري دوران گروپ انشورنس، بينول فنڊ، ڊسپنسري الائونس وارن جائز مطالبن توڙي 23 کان27 سيپٽمبر تائين سموري سنڌ ۾ تالابندي ۽ الائنس پاران 16 آڪٽوبر تي بلاول هائوس تي ڌرڻي واري ڪال جي مڪمل حمايت ڪندي چيو آهي ته پ پ سنڌ جي هارين، مزدورن کان پوءِ هاڻي سرڪاري ملازمن کي به ڀتَ سان لڳائڻ چاهي ٿي، پ پ جي حڪومت جو آءِ ايم ايف جي آشيرواد سان معاشي پاليسي جوڙڻ ۽ سنڌ جي سرڪاري ملازمن تي نافذ ڪرڻ سندن غلاماڻي ذهنيت جي عڪاسي آهي. صوبائي امير سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هوءَ سرڪاري ملازمن جي نمائنده تنظيمن سان ڳالهيون ڪري ملازمن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪري ٻي صورت ۾ جماعت اسلامي ملازمن سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.