لنڊن (ويب ڊيسڪ) اويسٽ لنڊن يونيورسٽي ۾ وچ اوڀر جي سياست جي پروفيسر جان اسٽراوسن آمريڪي صدر جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اڄ رٿيل تقرير تي ڳالهائيندي آهي ته ” آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي تقرير ۾ پاڻ کي هڪ عظيم امن قائم ڪندڙ اڳواڻ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو.“
پروفيسر جان اسٽراوسن چيو ته هو (آمريڪي صدر) اِها دعويٰ ڪندو ته ” هن ڪانگو، ڀارت ۽ پاڪستان، آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ تڪرارن ۾ امن قائم ڪيو آهي.“
هن چيو ته ”پر حقيقت اها آهي هو اهڙين وڏين جنگين کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا جتي ٽرمپ انتظاميا کي ڪا ڪاميابي نه ملي، جن ۾ يوڪرين ۽ غزا جون جنگيون شامل آهن.
پروفيسر اسٽراوسن چيوته ”ٽرمپ بنا ڪنهن شڪ جي نوبيل امن انعام جي مهم هلائي رهيو آهي، ۽ منهنجي خيال ۾ اهو ئي پاسو سندس تقرير ۾ به نمايان هوندو.“
واضح رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ٽرمپ اهڙن افواهن کي رد ڪيو هو ته هو نوبيل امن انعام کٽڻ چاهي ٿو، پر ڪيئي هفتن کان ان حوالي سان ڳالهيون جاري آهن.
ياد رهي ته امن جي نوبيل انعام جي فاتح جو اعلان ناروي جي نوبيل ڪميٽي هلندڙ سال ڏهه آڪٽوبر تي ڪندي.
You might also like