جڳ مشهور ٽيڪنالوجي ڪمپني ايپل طرفان 9 سيپٽمبر تي آءِ فون 17 سيريز متعارف ڪرائي وئي جنهن کي 19 سيپٽمبر تي وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويو.
سڄي دنيا ۾ آءِ فون 17 سيريز جي ماڊلز جو وڪرو جاري آهي، جڏهن واهپيدارن طرفان نون ماڊلز ۾ هڪ وڏي مسئلي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
حقيقت ۾ واهپيدارن آءِ فون 17 سيريز کي ”اسڪريچ ميگنيٽ“ قرار ڏنو آهي.
ڪجهه ماڻهن شڪايت ڪئي آهي ته هن سيريز جا مخصوص ماڊلز آسانيءَ سان اسڪريچ جو شڪار ٿي وڃن ٿا.
19 سيپٽمبر تي آءِ فونز جو وڪرو شروع ٿيڻ جا ڪجهه ڪلاڪ ئي گذريا هئا جو سوشل ميڊيا تي واهپيدار آءِ فون 17 ايئر، 17 پرو ۽ 17 پرو ميڪس جون تصويرون شيئر ڪرڻ لڳا، جن ۾ اسڪريچ واضح نظر اچي رهيا هئا.
ايڪس تي هڪ واهپيدار وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ آءِ فون 17 پرو ميڪس جي بئڪ تي اسڪريچ نمايان هئا، جڏهن ته ڪيپشن ۾ ان کي ”اسڪريچ گيٽ“ قرار ڏنو.
هڪ ٻئي واهپيدار آءِ فون 17 ايئر جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڊيوائس ۾ اسڪريچ موجود هئا ۽ ان کي ”اسڪريچ ميگنيٽ“ سڏيو.
هڪ يوٽيوب وڊيو ۾ آءِ فون 17 ماڊلز کي چاقو، اسڪرو ڊرائيور، لائٽر، سڪن ۽ چاٻين سان پرکيو ويو، جنهن مان ظاهر ٿيو ته نارنگي ۽ نيري رنگ وارا آءِ فون 17 پرو ماڊلز تمام آساني سان متاثر ٿين ٿا.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن ايپل 9 سيپٽمبر تي آءِ فون 17 سيريز جا پرو ماڊلز متعارف ڪرايا هئا ته ان دعويٰ ڪئي هئي ته ڊيوائسز جي بئڪ تي موجود سرامڪس شيلڊ اسڪريچ کان بچائڻ لاءِ ٽي ڀيرا وڌيڪ تحفظ فراهم ڪري ٿي.
واهپيدارن طرفان مسئلي جي نشاندهي باوجود اڃا تائين ايپل ڪو به ردعمل ظاهر ناهي ڪيو.
آءِ فون 17 خريدڻ جي خواهشمندن لاءِ بُري خبر، نوَن ماڊلز ۾ وڏي مسئلي جي نشاندهي
You might also like