نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان جو ملڪ دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان پاڪستان ۽ ڀارت سميت دنيا ۾ 7 جنگيون روڪرايون آهن، اهي جنگيون مان انهن ملڪن جي اڳواڻن سان ڳالهائي روڪرايون، جنگبندي ڪرائڻ جي عمل ۾ گڏيل قومن ڪو رابطو نه ڪيو، گڏيل قومون پنهنجي صلاحيت موجب امن لاءِ ڪم نه پيون ڪن، سوچيان پيو ته گڏيل قومن کي ٺاهڻ جو مقصد ڇا هو.
هن چيو ته غزا ۾ انساني بحران جي خاتمي لاءِ فوري طور جنگبندي جو معاهدو ٿيڻ گهرجي، حماس سبب اڃا تائين جگنبدي جو معاهدو ناهي ٿيو، حماس کي سمورا يرغمالي ڇڏڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا ايران جي ايٽمي اثاثن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، ايران کي ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏينداسين.
ڊونلڊ ٽرمپ يورپي ملڪن تي زور ڏنو ته اهي روس کان تيل جي خريداري بند ڪن، روس يوڪرين جي جنگ تي معاهدو نه ڪيو ته ان تي ڳرو ٽيرف لاڳو ڪنداسين، چين ۽ ڀارت روس جو تيل خريد ڪري يوڪرين جي جنگ ۾ فنڊنگ ڪري رهيا آهن.
هن چيو سڀ سمجهن ٿا ته امن جي ڪوششن تي مون کي نوبل انعام ملڻ گهرجي پر مان انعام نه ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۾ دلچسپي رکان ٿو.
غزا ۾ فوري طور جنگبندي ٿيڻ گهرجي پر حماس جي ڪري اڃا تائين معاهدو ناهي ٿيو: ڊونلڊ ٽرمپ
You might also like