”ڳورهاري هئڻ باوجود ٽارچر ڪيو ويو، مڙس شهرت ملندي ئي ڇڏي ڏنو“ريٽا ڀٽاچاريه جا ڪمار سانو تي سنگين الزام

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري پلي بيڪ سنگر ڪمار سانو تي اڳوڻي زال ريٽا ڀٽاچاريه طرفان سنگين الزام مڙهيا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪمار سانو 1986ع ۾ ريٽا ڀٽاچاريه سان شادي ڪئي هئي ۽ جوڙي جا 3 ٻار آهن.
سال 1994ع ۾ اداڪارا ڪنيڪا سدانند سان ڪمار سانو جي افيئر جون خبرون سامهون اچڻ بعد جوڙي ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي ۽ ٻارن کي ريٽا جي ڪسٽڊي ۾ ڏنو ويو هو.
عليحدگي کي ڪيئي ڏهاڪا گذرڻ باوجود تازو ريٽا ڀٽاچاريه اڳوڻي مڙس تي سنگين الزام لڳايا آهن.
پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ ڪمار سانو جي اڳوڻي زال شادي دوران سندس خراب روين تي خاموشي ٽوڙيندي چيو ته ” ڪمارسانو شهرت ملندي ئي نه رڳو مونکي ڇڏي ڏنو پر منهنجي توهين به ڪئي.“
ڪمار سانو جي اڳوڻي زال ريٽا دعويٰ ڪئي ته ”مون ڪمار سانو جي ڪيريئر جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر هن شهرت ملندي ئي مونکي ڇڏي ڏنو .“
ريٽا موجب ”ڪمار سانو ڀلي ڀارت جو وڏو گلوڪار هجي پر هو ڪڏهن به گلوڪاري جي حوالي سان پرجوش نه هو، کيس گلوڪار طور ڏسڻ منهنجو خواب هو ۽ مون ئي کيس همٿايو هو.“
ممبئي ۾ ڪمار سانو سان گڏ پنهنجي شروعاتي ڏينهن کي ساريندي ريٽا ٻڌايو ته ”جڏهن اسان ممبئي آياسين ته اسان وٽ پئسا ۽ گاڏي به نه هئي، اسان بلڪل خالي هٿين آيا هئاسين، ان وقت هو لُنگي/گوڏ پائيندو ۽ اسان پَکي کانسواءِ فرش تي سمهندا هئاسين.“
ريٽا دعويٰ ڪئي” فلم عاشقي جي شاندار ڪاميابي کانپوءِ ڪمار سانو جو رويو بدلجي ويو، هو بداخلاق ٿي ويو، هن مونکي بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ پنهنجي خاندان کان پري ٿي ويو، کيس سٺو لڳندو هو ته سندس زندگي ميڊيا تي ڊسڪس ٿئي پوءِ اها هاڪاري هجي يا ناڪاري“
ريٽا جو چوڻ هو ته ” مون کي ٽئين ٻار جي پيدائش دوران ڪمار سانو ۽ سندس گهر وارن طرفان شديد بدسلوڪي برداشت ڪرڻي پئي، ڳورهاري هئڻ باوجود بُکيو رکيو ويو، هڪ دفعي ڪمار سانو مونکي رڌڻي جي اسٽوريج ۾ بند ڪري پاڻ ٻاهر هليو ويو، ان کانپوءِ مون چوڪيدار کان چانور گهرائي رڌيا، هن منهنجي ٻارن لاءِ کير خريدڻ به بند ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽرن کي چوندا هو ته اسان توهان جا پئسا نه ڏينداسين.“
اڳوڻي زال وڌيڪ ٻڌايو ته ” ان وقت پنهنجي پيءُ به ديهانت ڪري چڪو هو، جنهن کانپوءِ مون تي ٽارچر جون هڙئي حدون اورانگهيون ويون، ان وقت ڪمار سانو پاڻ ته ليجنڊ بڻجي ويو پر مون کي ڳورهاري هئڻ دوران عدالت تائين وٺي ويو، ساڳئي وقت سندس افئير به هلي رهيو هو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.