مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري ويو، وزيراعظم جو سعودي قيادت سان ڏُک جو اظهار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل شيخ لاڏاڻو ڪري ويو.
سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) موجب، رائل ڪورٽ اڱاري جي صبح مفتي اعظم جي وفات جو اعلان ڪيو.
سعودي ميڊيا موجب، مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل شيخ جي جنازي نماز ٻيهپريءَ واري نماز کانپوءِ رياض جي امام ترڪي بن عبدالله مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته مفتي اعظم جي لاڏاڻي سان سعودي عرب ۽ اسلامي دنيا هڪ ممتاز عالم کان محروم ٿي وئي آهي، شيخ عبدالعزيز سائنس، اسلام ۽ مسلمانن لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون.
شيخ عبدالعزيز بزرگ علمن جي ڪائونسل جي صدارت به ڪئي ۽ حج جو خطبو ڏيڻ جا فرض به نڀايا.
سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان مفتي اعظم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
ان کانسواءِ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود طرفان مفتي اعظم جي غائباڻي جنازي نماز مسجد الحرام، مسجد نبوي صلعم ۽ سموري ملڪ جي مسجدن ۾ ٻيهپريءَ واري نماز کانپوءِ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پاران اظهار تعزيت
وزيراعظم شهباز شريف سعودي مفتي اعظم جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ عبدالعزيز بن عبدالله جي وفات سعودي عرب ۽ سموري مسلم دنيا لاءِ المناڪ لمحو آهي، مرحوم سڄي حياتي قرآن ۽ سنت جي تبليغ، شريعت جي وضاحت ۽ امت جي رهنمائي ۾ گذاري.
شهباز شريف چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت، سعودي عوام ۽ قيادت جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهن.
وزيراعظم مرحوم جي ڪٽنب، خادم الحرمين الشريفين، ولي عهد، سعودي قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت ڪندي دعا ڪئي ته الله مرحوم کي جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي ۽ سندن ديني خدمتن کي شرفِ قبوليت بخشي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.