لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ٻوڏ متاثرن جي امداد کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڇا اُنهن کان عقل وٺون، جن سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو؟ پنجاب حڪومت پنهنجن وسيلن سان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي، اسان کي ٻاهرين امداد جو انتظار ناهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ ٻاهرين امداد باوجود ماڻهو مڪمل طور بحال ناهن ٿيا، سنڌ جو ڪهڙو حال آهي؟ بلاول ڀٽو وزيراعليٰ پنجاب جي واکاڻ ڪئي، بلاول ڀٽو جي بيان کي وڌيڪ معتبر سمجهان ٿي، باقي ٻوڏ تي سياست ڪندڙن لاءِ صرف دعا ئي ڪري سگهجي ٿي.
عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مدد فراهم نٿي ڪري سگهجي، جيڪي بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ ئي ناهن، انهن کي امداد ڪيئن ملندي ؟
صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ سبب 47 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 26 لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، وزيراعليٰ پنجاب رليف پئڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شروعاتي سروي مڪمل ڪيو ويو آهي، ٻوڏ متاثر علائقن جي هارين کي 20 هزار في ايڪڙ پنجاب حڪومت ادا ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جو پڪو گهر ڪِري پيو آهي ته کيس 10 لک رپيا ادا ڪيا ويندا، جنهن جو ڪچو گهر ڪِريو آهي، ان کي 5 لک رپيا ڏنا ويندا، ڪنهن جي ڳئون يا مَينهن مري وئي آهي ته ان کي 5 لک رپيا ادا ڪيا ويندا.
You might also like