چين آمريڪي ٽيڪنالاجيءَ واري ”سپر هٿيار“ کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو

ڪراچي (انيق ناجي / محسن حجازي / عوامي آواز) آمريڪا جيڪي پابنديون لڳايون، ان کان به وڏو جهٽڪو پاڻ آمريڪا کي چين ڏئي ڇڏيو آهي. معاملو صرف هڪ واپاري ڇڪتاڻ جو ناهي پر عالمي سياست جي توازن جو آهي. اين ويڊيا (NVIDIA) دنيا جي سڀ کان وڏي گرافڪس پروسيسنگ يونٽ ٺاهيندڙ ڪمپني آهي جنهن جو شمار جديد ترين مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence) جا اوزار تيار ڪندڙ ادارن ۾ ٿئي ٿو. پر چين اها ئي ٽيڪنالاجي جيڪا ڪڏهن آمريڪا جي سڀ کان وڏي طاقت سمجهي ويندي هئي، ساڳي انهن جي سامهون رکي کين چئي ڇڏيو آهي ته هاڻي اسان کي اوهان جي ضرورت ناهي.اين ويڊيا جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (CEO) جنسن هوانگ، جيڪو هڪ تائيوان ڄائو آمريڪي آهي، بار بار چين جا دورا ڪندو رهيو. هو چيني ٻولي ۾ تقريرون ڪري پاڻ کي ’’چيني‘‘ ڪري پيش ڪندو رهيو ته جيئن چين جي اختيارين کي قائل ڪري ته اين ويڊيا جي پروڊڪٽس تي پابنديون نه لڳايون وڃن. پر چين انهن جا سڀ حربا رد ڪري ڇڏيا ۽ سڌيءَ ريت پابندي لڳائي ڇڏي. هي لمحو آمريڪا لاءِ شرمندگيءَ جو ۽ چين لاءِ هڪ تاريخي اعلان هو.چين آمريڪي پلي بُڪ (Playbook) کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي. چين نه رڳو پابندين جو جواب ڏئي رهيو آهي پر متبادل به تيار ڪري رهيو آهي، ۽ هي آمريڪا لاءِ اهڙو ڌچڪو آهي جيڪو ان جي ٽيڪنالاجيءَ جي برتري کي کائي ڇڏڻ برابر آهي.چيني هاڻي پنهنجا ٺاهيل چپس استعمال ڪندا ۽ آمريڪي ڪمپنين وٽ محدود مارڪيٽون بچنديون. ڊيپ سِيڪ جهڙا منصوبا هاڻي چيني هيروئڪ ڪهاڻين جو حصو بڻجي رهيا آهن ۽ شايد سڀاڻي ان تي فلم به ٺهي.چين دنيا جي سڀ کان وڏي منڊي آهي ۽ هاڻي اهو اين ويڊيا جو گراهڪ ناهي رهيو. ان سان ڪمپني جي اربين ڊالرن جي آمدني متاثر ٿيندي. ٻيو ته جڏهن هواوے جهڙا ادارا متبادل پروڊڪٽس مارڪيٽ ۾ ڏيندا ته باقي دنيا به آمريڪا تي انحصار گهٽ ڪري ڇڏيندي. ٽيون نقصان هي ٿيندو ته آمريڪي ٽيڪنالاجيءَ تي جيڪا هڪ اجاره داري قائم هئي، اها ٽُٽڻ لڳندي. آمريڪا جي سڀ کان وڏي ٽيڪنالاجي هاڻي ان جي خلاف هٿيار بڻجي رهي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.