ڪراچي(رپورٽر) ملير جي ڪالا بورڊ واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل خانگي ٽي وي چينل جو اينڪر پرسن امتياز مير اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار جوابدارن فائرنگ ڪري نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا. فائرنگ ڪندڙ ٻن جوابدارن ۾ هڪ عورت ٻڌائي وڃي ٿي موٽر سائيڪلتي عورت ۽ مرد امتياز مير کي نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا. فائرنگ امتياز مير جي ڪار تي ڪئي وئي، سينيئر اينڪر امتياز مير کي سيني ۽ منهن ۾ گوليون لڳيون. مليل ڄاڻ موجب آپريشن کانپوءِ امتياز مير اَڃا آءِ سي يو ۾ آهي ۽ ڊاڪٽرن مُطابق ھُن لاءِ ايندڙ 72 ڪلاڪ تمام اَھم آھن. پوليس موجب واقعو ذاتي تڪرار جو نتيجو لڳي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملير جي علائقي ڪالا بورڊ وٽ اينڪر پرسن امتياز مير تي ٿيل قاتلاڻي حملي جو نوٽيس ورتو آهي. سعودآباد ٿاڻي حد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ امتياز مير کي ٻن گولين جا زخم لڳا، جن مان هڪ سندس منهن تي لڳي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چني موجب وڏي وزير مراد علي شاهه صحافي امتیاز مير تي حملي جوسنجيدگي سان ورتو آهي ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن کان فوري رپورٽ طلب ڪئي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار به حملي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي ترت گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي .