لاهور(عوامي آواز نيوز) پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن (ايڇ آر سي پي)چيو آهي ته خيبر پختونخوا جي وادي تيره ۾ مبينا فضائي بمباري سبب ڪيترن ئي شهرين جي مارجي وڃڻ واري خبر تي انتهائي صدمي ۾ آهيون ۽ ان واقعي جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا،ايچ آر سي پي سماجي رابطا سائيٽ“ايڪس” تي پوسٽ ۾ چيوته اسان کي سخت صدمو ٿيو آهي ته خيبر ضلعي جي علائقي تيره وادي ۾ مبينا فضائي بمباري سبب ڪيترائي شهري، جن ۾ ٻار به شامل آهن، مارجي ويا آهن،تنظيم مطالبو ڪيو ته اختياريون فوري طور غير جانبدارانه جاچ ڪن ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻين،ايڇ آر سي پي وڌيڪ چيو ته رياست آئين تحت سڀني شهرين جي زندگي جي حق جي تحفظ جي پابند آهي، پر افسوس جو هوءَ بار بار ان ۾ ناڪام ٿي رهي آهي،هن واقعي بابت اڃا تائين سرڪاري طور ڪو بيان جاري نه ٿيو آهي، ڊان ڊاٽ ڪام پاران ڊپٽي ڪمشنر خيبر بلال شاهد ۽ ڊي پي او مظهر اقبال سان رابطو ڪيو ويو، پر جواب نه مليو،علائقي جي هڪ سينيئر پوليس آفيسر، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي اي ايف پي کي ٻڌايو ته جيٽ جهازن چار گهرن کي نشانو بڻايو، جيڪي مڪمل طور تباهه ٿي ويا“، پر هن نه ٻڌايو ته حملو ڪندڙ ڪير هئا۔ساڳئي وقت، خيبر پختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سواتي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف ۽ فوري جاچ ڪئي وڃي،ذميوارن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي،متاثر خاندانن کي فوري رليف ۽ معاوضو ڏنو وڃي،۽ انهن جي بحالي لاءِ جامع قدم کنيا وڃن۔ وزيراعليٰ جي خاص مددگار سهيل آفريدي الزام لڳايو ته مقامي ماڻهن تي مارٽر ۽ بم برسيا ويا، جنهن ۾ 25 ماڻهو، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا، مارجي ويا۔ هن ان واقعي جي ذميواري سيڪيورٽي فورسز تي وڌي، پر آزاد ذريعن سان اها ڳالهه ثابت نه ٿي سگهي آهي۔خيبر مان قومي اسيمبلي ميمبر محمد اقبال خان آفريدي به افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پختو ٻوليءَ ۾ هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو،هن چيو ته تيره وادي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري ۾ بزرگ عورتون ۽ ٻار مارجي ويا۔ اقبال خان ماڻهن کي اپيل ڪئي ته واقعي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪن،هن وڌيڪ چيو ته هي پهريون واقعو ناهي، شهرين جو قتل هاڻي معمول بڻجي ويو آهي۔