لاهور (بيورو) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پيپلزپارٽي مسلسل حڪومت کانپوءِ سنڌ کيپوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ قديمي علائقو بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ جا ماڻهو مريم نواز کي گهرن ٿا، سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته نواز ليگ تعصب ۽ لساني سياست تي يقين نٿي رکي، بلاول ڀٽو مريم نواز جي تعريف ڪري رهيو آهي، پر اوهان ان کي نٿا مڃو؟ شرجيل ميمڻ کي وفاق ۽ پنجاب جيتري ڳڻتي آهي؟ پيپلزپارٽي مسلسل حڪومت باوجود سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ ناهي، وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي، برساتن ۽ ٻوڏ دوران مريم نواز جي بروقت منصوبابندي سان لکين زندگيون بچيون، جڏهن ته اوهان جا ساٿي چوندا رهيا ته برسات بند ٿيندي پوءِ ٻاهر نڪرنداسين.