اسلام آباد(سجاد انور)بگرام ايئر بيس، جيڪو افغانستان ۾ سڀ کان وڏو ايئر بيس رهيو، آمريڪا ان کي وڏي پيماني تي ڊولپ ڪيو هو. آمريڪي حڪمت عملي اها هئي ته اُتي رهي ڪري نه رڳو سينٽرل ايشيا پر چين ۽ پوري علائقي جي بي آر آءِ (Belt and Road Initiative) تي نظر رکي سگهجي. مستقبل ۾ ڪنهن به تڪرار جي صورت ۾ اهو بيس جنگي آپريشن لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو. افغان طالبان، جيتوڻيڪ تجربي ۾ گهٽ، پر ايترا غير ذميوار به ناهن جو آمريڪا کي ٻيهر پنهنجي ملڪ ۾ فوجي بيس قائم ڪرڻ ڏين.ٻئي پاسي چين افغانستان کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وڏو اقتصادي پيڪيج ڏئي رهيو آهي، جنهن ڪري طالبان لاءِ آمريڪي بيس ڏيڻ منطقي نظر نٿو اچي.ڀارتي تجزيه نگار جي ڊي بڪشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان اڳ "ڪرائي جون جنگيون” وڙهندو رهيو آهي، هاڻي هو پنهنجو ايٽمي پروگرام "مارڪيٽ” ڪرڻ لاءِ نار وارن ملڪن سان رابطي ۾ آهي. ڀارت ۾ بار بار اهو بيان ورجايو پيو وڃي ته پاڪستان پنهنجو ايٽمي ڪارڊ سعودي عرب کي ڏئي رهيو آهي.ماهر سيد محمد علي جو چوڻ آهي ته هي معاهدو اوچتو نه ٿيو، هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان ڳالهيون هلي رهيون هيون.سعودي قيادت کي مئي ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي ڪامياب جنگ کانپوءِ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت تي ڀروسو وڌيو، مغربي اتحاد اسرائيل کي مڪمل سهارو ڏئي رهيو آهي. ان جي جواب ۾ پاڪستان ۽ ان جا اتحادي هڪ نئون دفاعي بلاڪ بڻائي رهيا آهن.ڀارت ۽ مغربي حلقا پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن،ڀارت ۾ ٽي وڏا خدشا آهن ته پاڪستان-سعودي دفاعي اتحاد ڀارت لاءِ نئون خطرو بڻجي سگهي ٿو.سعودي عرب مان پاڪستان کي تيل ۽ مالي سهڪار ملي سگهي ٿو، جيڪو ڪنهن به تڪرار ۾ اهم هوندو.سڀ کان اهم، جيڪڏهن سعودي قيادت مذهبي ۽ نظرياتي سطح تي به پاڪستان جي فوج کي حرمين شريفين جي محافظ فوج قرار ڏئي ته اهو طالبان ۽ ٻين گروپن لاءِ وڏو پيغام هوندو.