بگرام ايئربيس پاڪستان لاءِ به خطرو؟

واشنگٽن/ڪابل/اسلام آباد (سيد طلعت حسين) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طالبان کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن بگرام ايئر بيس واپس نه ڪيو ويو ته سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ٽرمپ سماجي رابطن تي بيان جاري ڪندي چيو ته آمريڪا اهو بيس فوري واپس وٺڻ چاهي ٿو، ڇو ته ان تي وڏو خرچ ٿي چڪو آهي. هن ان معاملي جي ذميواري اڳوڻي بائيڊن انتظاميا تي وجهندي چيو ته ان وقت ٺهيل پاليسي وڏي غلطي هئي. طالبان جي ترجمان جواب ۾ چيو آهي ته افغانستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي، پنهنجي سرزمين تي ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ڪندو پر ڳالهين لاءِ دروازا کليل آهن. رپورٽن مطابق طالبان هڪ ارب ڊالر معاوضي جو مطالبو به ڪري رهيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا بگرام بيس ٻيهر هٿ ڪري ٿو ته اهو افغانستان ۾ ئي نه پر سڄي خطي ۾ طاقت جي نئين ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. چين، ايران ۽ روس تي نظر رکڻ سان گڏوگڏ هندستان ۽ اسرائيل جو اثر به وڌڻ جا امڪان آهن، جيڪو پاڪستان لاءِ وڏي پريشاني بڻجي سگهي ٿو. تجزيي مطابق، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان کي پنهنجا بارڊر وڌيڪ محفوظ ڪرڻا پوندا، اندروني حالتون بهتر ڪرڻيون پونديون ۽ خطي ۾ نون تڪرارن لاءِ مڪمل تيار رهڻو پوندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.