ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر وزير صوبائي شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبائي حڪومت ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان يلو لائين بي آر ٽي منصوبي تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، منصوبي جا ڊيپو ۽ ٻيون اڏاوتي سرگرميون تيزي سان جاري آهن جڏهن ته سينيٽر تاج حيدر مرحوم جي نالي سان منسوب پُل جو ڪم مرحلي ۾ آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته اِها پل هڪ هفتي جي اندر مڪمل ڪري عوام لاءِ کولي وڃي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جو عوام کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جديد سفري سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.
هن هفتي عورتن لاءِ خاص طور تي ”پِنڪ اسڪوٽرز“ ورهايا ويندا جيڪي کين مفت فراهم ڪيا ويندا ته جيئن عورتون پنهنجون سفري ضرورتون بهتر طريقي سان پوريون ڪري سگهن، ان کانسواءِ ايندڙ ڪجھ هفتن ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ۽ اليڪٽرڪ بسون جو وڏو ٻيڙو به ڪراچي پهچندو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي چين جي تازي دوري دوران اهم ملاقاتون ٿيون جن ۾ سنڌ ۾ اليڪٽرڪ ۽ عام بسن جي تياري لاءِ مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
صحافي امتياز مير تي حملي بابت سوال تي هن چيو ته سنڌ حڪومت فوري ڪارروائي ڪئي آهي، ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
هن زخمي صحافي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت سندس مڪمل مدد ڪندي.
ٽن ٽرانسجينڊن جي قتل واري واقعن تي ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهي انفرادي نوعيت جا واقعا آهن ۽ ڪارڻ جو پتو لڳائڻ لاءِ جاچ جاري آهي، حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ڏوهارين کي معاف نه ڪندي.
پنجاب ۾ ٻوڏ صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب ۾ بهتر منصوبا بندي سان تباھي جي دائري کي محدود ڪري سگهجي پيو، پر نا تجربيڪاري سبب نقصان وڌي ويا.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ وڏي وزير پاڻ ٻوڏ صورتحال مانيٽرنگ ڪري رهيو هو ۽ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو هو جنهن جي مدد نقصان گهٽايو ويو.
اڻ تجربيڪاري سبب تباهي ٿي، بهتر رٿابندي سان پنجاب کي ٻوڏ نقصانن کان بچائي سگهجي پيو: شرجيل ميمڻ
You might also like