شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ڪري اسرائيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ معافي وٺڻ تي مجبور ٿيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا تنوير حسين چيو ته قطر تي حملو اسرائيلي منافقت جي انتها آهي، اسرائيلي حملي باوجود جيل ۾ بند عالم اسلام جو نالي ماتر اڳواڻ هڪ لفظ به نه ڳالهائي سگهيو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست پاڪستاني مفادن جي خلاف آهي، خيبرپختونخوا ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو ڪارڻ پي ٽي آءِ باني جا قدم آهن.
You might also like