فلسطين کي آزاد ملڪ طور قبولڻ ئي تڪرار جي حل جو واحد رستو آهي: فرانسيسي صدر

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته اڄ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ ئي ان صورتحال کي سياسي حل ڏيڻ جو واحد رستو آهي ۽ اها هڪ اهڙي صورتحال آهي، جنهن کي روڪڻ ضروري آهي.
واضح رهي ته اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته فرانس اڄ گڏيل قومن جي هڪ ڪانفرنس ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪندو.
گذريل ڏينهن برطانيا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا فلسطين کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست طور تسليم ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪيو هو.
ايمانوئل ميڪرون پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته (فلسطين کي آزاد رياست طور) تسليم ڪرڻ هڪ سياسي عمل جي شروعات آهي.
هن چيو ته ان کان ستت پوءِ هو جنگبندي، سمورن يرغمالين جي آزادي ۽ غزا تائين انساني امداد جي بحالي جي اميد رکن ٿا.
فرانسيسي صدر جو اهو به چوڻ هو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ وارو سندن مطالبو ۽ غزا۾ جاري جنگ تي سندن اعراض ڪڏهن به يهود مخالف ناهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.