ڪراچي: ميوزڪ ٽيچرز جو احتجاج، سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش، چڪريون، 40 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ پوليس ۽ ميوزڪ ٽيچرز چڪريون، پوليس سي ايم ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ چاليهه ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ميوزڪ ٽيچرز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش به ڪئي، جنهن دوران پوليس سان چڪريون ٿيون، جنهن تي پوليس 40 کان مٿي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته کين آفر آرڊر جاري ناهن ڪيا ويا، جنهن سبب بيچيني وڌي رهي آهي، تنهنڪري ترت ميوزڪ ٽيچرز کي آفر آرڊر ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.