لنڊن (ويب ڊيسڪ) فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ کانپوءِ برطانيا ۾ فلسطيني مشن کي سفارتخاني جو درجو ملي ويو جڏهن ته عمارت ٻاهران فلسطيني جهنڊو به لهرائي ڇڏيو ويو.
فلسطين جي برطانيا ۾ سفير حسام زملوط تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته اچو سڀ گڏجي فلسطيني جهنڊو بلند ڪريون، جنهن جا رنگ اسان جي قوم جي نمائندگي ڪن ٿا، ڪارو رنگ سوڳ، اڇو رنگ اسان جي اميد، سائو رنگ اسان جي زمين ۽ ڳاڙهو رنگ اسان جي عوام جي قربانين جي علامت آهي.
هن چيو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ تاريخي ناانصافين کي درست ڪرڻ ۽ آزادي، وقار ۽ بنيادي انساني حقن تي ٻڌل مستقبل لاءِ گڏيل عزم جو اظهار آهي.
حسام زملوط زور ڏنو ته فلسطيني رياست کي اهڙي وقت ۾ تسليم ڪيو ويو آهي جڏهن اسين تصور نه ڪرڻ جوڳي پيڙا ۽ اذيت مان گذري رهيا آهيون، اسان خلاف هڪ اهڙي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، جنهن کي اڃا تائين نه رڳو تسليم نه ڪيو ويو آهي پر ان کي بي خوف جاري رکيو پيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي عوام تي غزا ۾ بک ۽ بمباري مڙهي وئي آهي ۽ هو پنهنجي ئي گهرن جي ملبن هيٺ دفن ٿي رهيا آهن، اسان جا ماڻهو هر روز اولهه ڪناري ۾ نسلي صفائي، رياستي دهشتگردي، زمينن جي چوري ۽ جبر کي منهن ڏئي رهيا آهن.
You might also like