خدبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ ٽيم جي اوپنر صاحبزاده فرحان ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي ۾ ڀارت خلاف ففٽي مڪمل ڪرڻ بعد ”گن شاٽ“ واري انداز ۾ جشن ملهائڻ جي وضاحت ڪري ڇڏي.
آچر ڏينهن ڀارت خلاف ميچ ۾ صاحبزاده فرحان 58 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ ففٽي مڪمل ٿيڻ تي انوکي انداز ۾ جشن ملهايو، جنهن تي ڀارتي تپي باهه ٿي ويا.
پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي صاحبزاده فرحان چيو ته هو عام طور ففٽي جو جشن ناهي ملهائيندو، پر ذهن ۾ آيو انڪري نئون انداز اختيار ڪيو.
هن چيو ته ”ففٽي کانپوءِ جشن منهنجو نئون انداز هو، ماڻهو ان جو ڪهڙو مطلب ڪڍن ٿا ان جي پرواهه ناهي، مان جارحاڻي ڪرڪٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ڀلي مخالف ڀارت ئي ڇو نه هجي.“
پاڪستاني چيو ته سريلنڪا خلاف مڪمل تياري آهي ۽ خواهش آهي ته فائنل ۾ وري ڀارت سان مقابلو ٿئي.
هن چيو ته ”جيڪڏهن منهنجي ڪارڪردگي ذريعي ٽيم کٽي ها ته وڌيڪ خوشي ٿئي ها، پر ڀارت خلاف ڪارڪردگي سان اعتماد ضرور مليو آهي، ايشيا ڪپ جو فائنل کٽڻ لاءِ پراميد آهيون.“
صاحبزاده فرحان موجب، بيٽنگ لائين ۾ ڦيرڦار سان بيٽرز کي اعتماد مليو ، صائم ايوب کي به پراعتماد نظر آيو.
ياد رهي ته ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي ٻي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم سپر فور ۾ پنهنجي ايندڙ ميچ سڀاڻي سريلنڪا خلاف کيڏندي.
صاحبزادا فرحان ڀارت سان فائنل کيڏڻ جو خواهشمند، ” گن شاٽ “ جي به وضاحت ڪري ڇڏيائين
You might also like